9 يشوع ۽ سندس فوج سڄي رات جِلجال کان جِبعون تائين پنڌ ڪري امورين تي اوچتو اچي حملو ڪيو.
9 تنهنڪري يشوع اوچتو هنن تي ڪاهي آيو، ۽ سڄي رات جلجال مان نڪري پنڌ ڪندو ويو.
مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي.
اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.
عيسيٰ مسيح جي سٺي سپاهيءَ وانگر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.
تون مسيح بابت پيغام جي تبليغ ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بيوقت تيار رهہ. پوري صبر سان ماڻهن کي تعليم ڏيندي کين سمجھاءِ، تنبيهہ ڪر ۽ سندن همتافزائي بہ ڪر،
خداوند انهن کي بني اسرائيل جي اڳيان مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو ۽ جِبعون وٽ کين وڏي شڪست ڏنائين. بني اسرائيل بيتحورون شهر جي لنگھہ وٽان ويندي هنن جو پيڇو ڪيو ۽ ڏکڻ طرف عزيقاہ ۽ مقيدہ شهرن تائين کين ماريندا ويا.
خداوند يشوع کي چيو تہ ”انهن کان نہ ڊڄجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون هنن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگھندو.“
سو يشوع ۽ سندس سڀ جنگي جوان ميروم نديءَ وٽ اوچتو مٿن اچي ڪڙڪيا.