Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 10:8 - Muslim Sindhi Bible

8 خداوند يشوع کي چيو تہ ”انهن کان نہ ڊڄجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون هنن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگھندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊپ نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هنن کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 10:8
16 Iomraidhean Croise  

انهيءَ وچ ۾ اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ هڪڙو نبي آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تون هي هيڏو سارو لشڪر ڏسين ٿو؟ اهو اڄ آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ پوءِ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ’هن کان نہ ڊڄو. مون هن کي، سندس سڀني ماڻهن کي ۽ سندس سڄي ملڪ کي توهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. توهين هن سان بہ ائين ئي ڪجو جيئن توهان امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو.‘


هو انهن جي بادشاهن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو. سو اوهين انهن جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندا. جيستائين اوهين انهن کي نابود نہ ڪندا تيستائين ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگھندو.


پوءِ يشوع انهن سالارن کي چيو تہ ”نڪي ڊڄو نڪي بي‌همت ٿيو. اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي سڀني دشمنن سان ائين ئي ڪندو، جن سان اوهين وڙهندا.“


يشوع ۽ سندس فوج سڄي رات جِلجال کان جِبعون تائين پنڌ ڪري امورين تي اوچتو اچي حملو ڪيو.


تڏهن خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”هنن کان نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي هن ئي وقت آءٌ انهن سڀني کي بني اسرائيل جي هٿن ۾ ڏيئي کين مارائي ڇڏيندس. تون هنن جي گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏجانءِ ۽ سندن گاڏيون ساڙي ڇڏجانءِ.“


پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، نڪي بي‌همت ٿيءُ. سڀ جنگي جوان پاڻ سان کڻ ۽ عئي شهر تي وڃي حملو ڪر. ڏس، مون عئيءَ جو بادشاهہ، سندس قوم، سندس شهر ۽ سندس علائقو تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.


تڏهن خداوند جواب ڏنس تہ ”آءٌ تو ساڻ هوندس ۽ تون مديانين کي ائين ماريندين جو ڄڻ تہ هو هڪڙو ئي ماڻهو هجن.“


انهيءَ ئي رات خداوند جِدعون کي چيو تہ ”اُٿ ۽ هيٺ لهي خيمي‌گاهہ تي حملو ڪر، آءٌ تو کي مٿس سوڀ ڏيندس.


۽ هنن سڀني ماڻهن کي اها بہ خبر پوندي تہ خداوند تلوار ۽ نيزي سان نہ ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست تہ خداوند جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan