Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 10:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن جِبعون جي رهاڪن يشوع ڏانهن جيڪو جِلجال واري خيمي‌گاهہ رهيل هو تنهن ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻو. جلدي اچو ۽ اسان کي بچايو. اسان جي مدد ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جابلو علائقن ۾ رهندڙ امورين جي سڀني بادشاهن اسان جي خلاف فوجون گڏ ڪيون آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تڏهن جبعون جي ماڻهن يشوع ڏي جلجال جي منزل تي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻ؛ جلد اچي اسان کي بچاءِ، ۽ اسان جي مدد ڪر: ڇالاءِ جو امورين جا سڀ بادشاهہ، جي جبلن ۾ ٿا رهن، سي اسان جي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 10:6
14 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ اها عورت هڪڙي گڏهہ تي آٿر رکي چڙهي ويٺي ۽ پنهنجي نوڪر کي چيائين تہ ”هڪليندو هل، جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين رفتار ۾ ڍر نہ ڪجانءِ.“


جيئن يروشلم کي چوڌاري جبل وڪوڙيل آهن، تيئن ئي هاڻي بلڪ هميشہ هميشہ لاءِ، خداوند چئني طرفن کان پنهنجي قوم جو محافظ آهي.


خداوند، جيڪو اسان جو منصف، اسان جو حاڪم ۽ اسان جو بادشاهہ آهي، سو ئي اسان کي بچائيندو.


انهيءَ ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن. حتي، يبوسي ۽ اموري جابلو علائقي ۾ ٿا رهن. ڀونوچ سمنڊ واري پاسي ۽ اردن درياءَ جي ڪناري سان ڪنعاني ٿا رهن.“


تنهن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يهوديہ جي هڪڙي شهر ڏانهن ويئي.


پوءِ مون اوهان جي قبيلن جي سردارن مان جيڪي ڏاها ۽ عملي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان اڳواڻ مقرر ڪيو. اهي مون اوهان جي قبيلن مطابق ڪي هزارن هزارن جا، ڪي سَون سَون جا، ڪي پنجاهہ پنجاهہ جا ۽ ڪي ڏهن ڏهن جا اڳواڻ ۽ ٻيا عملدار بہ مقرر ڪيا.


تنهنڪري امورين جي پنجن ئي بادشاهن، يعني يروشلم، حبرون، يرموت، لڪيس ۽ عجلون جي بادشاهن پنهنجيون فوجون گڏ ڪيون. پوءِ هنن وڃي جِبعون کي گھيري هيٺ آندو ۽ مٿس حملو ڪيو.


سو يشوع ۽ سندس سڄي فوج جن ۾ بهترين جنگي جوان هئا جِلجال مان روانا ٿيا.


هنن کي يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريت‌اربع يعني حبرون شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت ڏنو ويو. اربع بني عناق جو وڏو هو.


جيئن تہ بني اسرائيل جِلجال ۾ منزل ڪيو ويٺا هئا، سو هنن اتي ئي يريحو شهر جي ميدان ۾ انهيءَ مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو عيد فصح ملهائي.


پوءِ يشوع ساڻن صلح ڪري کين جيئدان ڏيڻ جو عهد ڪيو ۽ قوم جي اڳواڻن قسم کڻي انهيءَ عهد جي تائيد ڪئي.


پوءِ هو جِلجال واري خيمي‌گاهہ ۾ يشوع وٽ آيا ۽ هن کي ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيائون تہ ”اسين هڪڙي ڏورانهين ملڪ کان آيا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اسان سان عهد ڪريو.“


تڏهن هنن يشوع کي چيو تہ ”اسين تنهنجا ٻانها آهيون.“ تنهن تي يشوع کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيو؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan