يشوع 10:40 - Muslim Sindhi Bible40 سو يشوع سڄو علائقو قبضي ۾ ڪري ورتو، يعني هن جابلو علائقي، ڏاکڻي علائقي، هيٺاهين علائقي ۽ لاهين واري علائقي جي سڀني بادشاهن کي شڪست ڏني. هن ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو بلڪ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو هو. Faic an caibideilSindhi Bible40 انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو. Faic an caibideil |
هنن يشوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان توهان جن ٻانهن کي پڪيءَ طرح اِها خبر پيئي هئي تہ خداوند توهان جي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ هو اوهان کي هي سڄو ملڪ ڏيندو ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي اوهان جي اڳيان ماري ڇڏيندو. سو اسان کي اوهان کان پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، انهيءَ ڪري ئي اسان ائين ڪيو.