Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 10:30 - Muslim Sindhi Bible

30 خداوند اهو شهر بہ انهيءَ جي بادشاهہ سميت بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو. جيڪي ماڻهو انهيءَ منجھہ هئا تن سڀني کي يشوع تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. يشوع انهيءَ شهر جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪيو جيئن يريحو شهر جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

30 ۽ خداوند اُهو بہ، انهي جي بادشاهہ سميت، اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هن انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي منجهہ هئا، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان ماريو؛ ڪوبہ ڪونہ ڇڏي ڏنائين، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 10:30
12 Iomraidhean Croise  

اهڙيءَ طرح يزرعيل ۾ اخي‌اب بادشاهہ جي گھراڻي مان جيڪي بچيا هئا تن سڀني کي بہ ييهوءَ مارائي ڇڏيو. ييهوءَ انهيءَ گھراڻي جي سڀني مک ماڻهن کي، سندن گھاٽن دوستن کي ۽ سندن مذهبي اڳواڻن کي بہ مارائي ڇڏيو، ايتري تائين جو انهن مان هڪڙو بہ نہ بچيو.


پوءِ جڏهن اهو ملڪ خداوند جي آڏو قبضي ٿي وڃي، تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي هتي موٽي اچو. تڏهن اوهين خداوند ۽ بني اسرائيل جي جنگي فرض کان آجا رهندا ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف وارو هيءُ ملڪ خداوند جي طرفان اوهان کي ملڪيت ٿي ملندو.


پر خداوند اسان جي خدا کيس اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اسان هن کي، سندس پٽن کي ۽ سندس سڀني ماڻهن کي ماري ڇڏيو.


پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي حوالي ڪري ۽ اوهين انهن کي شڪست ڏيو، تڏهن کين بلڪل نابود ڪري ڇڏجو. ساڻن ڪو عهد نہ ڪجو، نڪي مٿن رحم ڪجو.


انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ شهر تي قبضو ڪري ورتو. هن اتي جي بادشاهہ کي ۽ جيڪي بہ ماڻهو منجھس رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. هن مقيدہ جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن يريحو جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.


تنهن کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت مقيدہ کان لبناہ شهر ڏانهن ويو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائين.


انهيءَ کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت لبناہ کان لڪيس ڏانهن ويو. هنن انهيءَ شهر جو گھيرو ڪري مٿس حملو ڪيو.


اهڙيءَ طرح يشوع انهن سڀني شهرن تي قبضو ڪيو ۽ اتان جي بادشاهن ۽ رهاڪن کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيائين، جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.


لبناہ جو بادشاهہ، عدلام جو بادشاهہ،


بني اسرائيل بيابان ۾ ئي عئيءَ شهر جي انهن سڀني ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو جن سندن پيڇو ڪيو هو. پوءِ هو عئيءَ شهر ڏانهن موٽيا ۽ اتي باقي بچيل ماڻهن کي پڻ تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون.


هن عئيءَ جي بادشاهہ کي وڻ ۾ ٽنگي ڦاسي ڏني ۽ انهيءَ جو لاش شام تائين اتي ٽنگيو پيو هو. سج لٿي مهل يشوع جي حڪم سان هنن انهيءَ جو لاش وڻ تان هيٺ لاهي شهر جي ٻاهرين دروازي جي منهن وٽ اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي.


پر جڏهن جِبعون شهر ۾ رهندڙ حوين ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئي شهرن سان ڇا ڇا ڪيو آهي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan