Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 10:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سو يروشلم جي بادشاهہ ادوني‌صدق هيئن ڪيو جو حبرون جي بادشاهہ هوهام، يرموت جي بادشاهہ پيرام، لڪيس جي بادشاهہ يافيع ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير ڏانهن هي پيغام ڏياري موڪليائين تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تنهنڪري يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق حبرون جي بادشاهہ هوهام کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ پيرام کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ يافيع کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير کي چوائي موڪليو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 10:3
19 Iomraidhean Croise  

هن ڪنعان ملڪ جي اربع شهر يعني حبرون ۾ وفات ڪئي. ابراهيم انهيءَ جي وفات تي سوڳ ڪيو ۽ رنو.


تڏهن هن چيس تہ ”وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر ۽ ڌڻ خيريت سان آهن. پوءِ موٽي اچي مون کي ٻڌاءِ.“ سو يعقوب يوسف کي حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيو. جڏهن يوسف سڪم ۾ پهتو


دائود حبرون ۾ يهوداہ جي قبيلي جي مٿان ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي.


سو بادشاهہ حزقياہ اشور جي شهنشاهہ ڏانهن جيڪو لڪيس شهر ۾ هو پيغام موڪليو تہ ”مون قصور ڪيو آهي. اوهين مهرباني ڪري مون وٽان موٽي وڃو ۽ جيڪو بہ تاوان اوهين مون تي رکندا سو آءٌ ڏيندس.“ تڏهن اشور جي شهنشاهہ کانئس ڏهہ هزار ڪلوگرام چاندي ۽ هڪ هزار ڪلوگرام سون گھريو.


پوءِ بہ اشور جي شهنشاهہ پنهنجي سپهہ‌سالار اعليٰ، امير اعليٰ ۽ عملدار اعليٰ کي لڪيس شهر مان وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو روانا ٿي يروشلم شهر وٽ آيا. جڏهن هو اتي پهتا تڏهن مٿين ڍنڍ، جيڪا ڌوٻي گھاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ تي اچي بيهي رهيا.


ادوريم، لڪيس، عزيقہ،


ان وقت بابل جي بادشاهہ جي لشڪر يهوداہ جي شهرن يروشلم، لڪيس ۽ عزيقہ سان جنگ پئي ڪئي، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ جي شهرن مان فقط اِهي ئي ڪوٽن وارا شهر باقي وڃي بچيا هئا.


اي لڪيس شهر جا رهاڪؤ! اوهين جنگي گھوڙي گاڏيون تيار ڪري ڀڄي وڃو. شروعات ۾ اوهان اسرائيل وارن جا گناهہ ڏسي ڪري يروشلم وارن کي بہ گمراهہ ڪيو.


پهريائين هو ملڪ جي ڏاکڻي پاسي کان ٿيندا حبرون ۾ آيا جتي عناق جو اولاد يعني احيمن، شيشي ۽ تلمي رهندا هئا. حبرون، مصر جي شهر صعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.


يروشلم جي بادشاهہ ادوني‌صدق ٻڌو تہ يشوع عئي شهر هٿ ڪري ورتو آهي ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس ۽ جيئن هن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو، تيئن ئي عئي شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو اٿس. هن هي بہ ٻڌو تہ جِبعون جي رهاڪن بني اسرائيل سان صلح ڪيو آهي ۽ انهن جي ويجھڙائيءَ ۾ ئي پيا رهن.


هنن غار جو منهن کوليو ۽ انهن پنجن ئي بادشاهن، يعني يروشلم جي بادشاهہ، حبرون جي بادشاهہ، يرموت جي بادشاهہ، لڪيس جي بادشاهہ ۽ عجلون جي بادشاهہ کي غار مان ڪڍي يشوع وٽ وٺي آيا.


انهيءَ کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت لڪيس کان عجلون شهر ڏانهن ويو. هنن انهيءَ شهر جو گھيرو ڪري مٿس حملو ڪيو.


تنهنڪري امورين جي پنجن ئي بادشاهن، يعني يروشلم، حبرون، يرموت، لڪيس ۽ عجلون جي بادشاهن پنهنجيون فوجون گڏ ڪيون. پوءِ هنن وڃي جِبعون کي گھيري هيٺ آندو ۽ مٿس حملو ڪيو.


حبرون شهر کي اڳي قريت‌اربع، اربع نالي ماڻهوءَ جي نالي پٺيان سڏيو ويندو هو، جيڪو عناق جي راڪاس جهڙي اولاد ۾ سڀ کان وڏو ماڻهو هو. تنهن کان پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


حمطہ، قريت‌اربع يعني حبرون ۽ صيعُور، ڪل نَوَ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


پر بني يهوداہ يروشلم جي رهاڪن يعني يبوسين کي سندن شهر مان ڪڍي نہ سگھيا. انهيءَ ڪري يبوسي اڄ ڏينهن تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.


ضلع، الف ۽ يبوسين يعني يروشلم، جِبعت ۽ قريت‌يعريم، ڪل چوڏهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت. بنيامين قبيلي جي سندن گھراڻن موجب اها ئي ميراث هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan