Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 10:29 - Muslim Sindhi Bible

29 تنهن کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت مقيدہ کان لبناہ شهر ڏانهن ويو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

29 تنهن کان پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي مقيدہ مان لنگهي لبناہ ۾ ويو، ۽ لبناہ سان جنگ ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 10:29
14 Iomraidhean Croise  

جڏهن عملدار اعليٰ ٻڌو تہ اشور جو شهنشاهہ لڪيس شهر مان روانو ٿي ويو آهي ۽ لبناہ شهر وارن سان جنگ جوٽيو بيٺو آهي، تڏهن هو وٽس صلاح مشوري لاءِ ويو.


اهڙيءَ طرح ادوم يهوداہ کان باغي ٿي اڄ ڏينهن تائين هڪ الڳ ملڪ آهي. لبناہ شهر وارن بہ انهيءَ ساڳئي ئي وقت بغاوت ڪئي هئي.


سو ادومي اڄ ڏينهن تائين يهوداہ ملڪ کان باغي رهندا ٿا اچن. يهورام جي ئي ڏينهن ۾ لبناہ شهر وارا بہ باغي ٿي ويا. اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو يهورام خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.


جڏهن عملدار اعليٰ ٻڌو تہ اشور جو شهنشاهہ لڪيس شهر مان روانو ٿي ويو آهي ۽ لبناہ شهر وارن سان جنگ جوٽيو بيٺو آهي، تڏهن هو وٽس صلاح مشوري لاءِ ويو.


جڏهن صدقياہ يهوداہ جو بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ اٽڪل يارهن سال حڪومت ڪئي. سندس ماءُ جو نالو حموطل هو، جيڪا لبناہ شهر واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.


هو اتان روانا ٿيا ۽ لبناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.


انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ شهر تي قبضو ڪري ورتو. هن اتي جي بادشاهہ کي ۽ جيڪي بہ ماڻهو منجھس رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. هن مقيدہ جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن يريحو جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.


خداوند اهو شهر بہ انهيءَ جي بادشاهہ سميت بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو. جيڪي ماڻهو انهيءَ منجھہ هئا تن سڀني کي يشوع تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. يشوع انهيءَ شهر جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪيو جيئن يريحو شهر جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.


لبناہ جو بادشاهہ، عدلام جو بادشاهہ،


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: لبناہ، عتر ۽ عسن،


حبرون، جيڪو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، سو ۽ ان جي آس‌پاس جي چراگاهن کان علاوہ هارون ڪاهن جي اولاد کي هنن هي شهر بہ ڏنا: لبناہ،


هنن شهر اندر سڀني مردن، عورتن، جوانن ۽ پوڙهن کي تلوار جي ڌار سان فنا ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو ڳائومال، رڍون ۽ گڏهہ بہ ماريائون.


تون عئي شهر ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪجانءِ جيئن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ، پر هن دفعي اوهين انهي جي لٽ جو مال ۽ چوپايو مال ڀلي پنهنجي لاءِ رکجو. شهر تي قبضي جي لاءِ اوهين انهيءَ جي پٺيان لڪي تيار ٿي ويهجو.“


هن عئيءَ جي بادشاهہ کي وڻ ۾ ٽنگي ڦاسي ڏني ۽ انهيءَ جو لاش شام تائين اتي ٽنگيو پيو هو. سج لٿي مهل يشوع جي حڪم سان هنن انهيءَ جو لاش وڻ تان هيٺ لاهي شهر جي ٻاهرين دروازي جي منهن وٽ اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan