Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 10:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن يروشلم جي بادشاهہ ۽ اتي جي ماڻهن کي انهيءَ تي ڏاڍو ڊپ لڳو، ڇاڪاڻ تہ جِبعون شاهي شهرن وانگر هڪ وڏو شهر هو. اهو عئي شهر کان وڏو هو ۽ اتي جا سڀ ماڻهو سٺا جنگجو هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تڏهن هنن کي ڏاڍو ڊپ لڳو، ڇالاءِ جو جبعون وڏو شهر هو، ۽ شاهي شهرن مان هڪڙو هو، ۽ عئي کان وڏو هو، ۽ اُتي جا سڀ ماڻهو زور ڀريا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 10:2
16 Iomraidhean Croise  

هوڏانهن يوآب عمونين جي گاديءَ واري شهر ربہ وٽ جنگ جاري رکي ۽ شهر کي گھيرو ڪري ورتو.


سچارن کي سندن خواهش موجب ئي نوازيو ويندو، مگر بدڪار جنهن ڳالهہ کان ڊڄن ٿا سا ئي مٿن اچي پوندي.


ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگھندو. جنهن زمين تي اوهان جا پير پوندا، اتي خداوند اوهان جو خدا اوهان جو خوف ۽ اوهان جي هيبت وجھندو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي.


اڄ کان وٺي آءٌ ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن تي اوهان جو خوف ۽ ڊپ وجھڻ شروع ڪندس. هو اوهان جي هاڪ ٻڌي ڏڪي ويندا ۽ اوهان جي ڪري پريشان ٿيندا.‘“


پوءِ دنيا جون سڀيئي قومون اهو ڏسي اوهان کان ڊڄي وينديون تہ اوهين خداوند جي نالي ٿا سڏجو.


پوءِ رڳو خدا جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا خدا جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.


سو ياد رکو، زندہ خدا جي پڪڙ وڏي خوفناڪ آهي.


هنن يشوع کي وڌيڪ چيو تہ ”پڪ سان خداوند اهو سڄو ملڪ اسان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اتان جا سڀ رهاڪو اسان جي خوف کان هيسجي ويا آهن.“


هنن يشوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان توهان جن ٻانهن کي پڪيءَ طرح اِها خبر پيئي هئي تہ خداوند توهان جي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ هو اوهان کي هي سڄو ملڪ ڏيندو ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي اوهان جي اڳيان ماري ڇڏيندو. سو اسان کي اوهان کان پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، انهيءَ ڪري ئي اسان ائين ڪيو.


پر جڏهن جِبعون شهر ۾ رهندڙ حوين ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئي شهرن سان ڇا ڇا ڪيو آهي،


پوءِ دائود اڪيس کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان جي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ مون کي ڪنهن ننڍي شهر ۾ جاءِ ڏيو تہ آءٌ اتي وڃي رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو ٻانهو ڇو شاهي شهر ۾ توهان سان گڏ رهي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan