15 پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت خيميگاهہ ڏانهن جِلجال ۾ موٽي آيو.
15 ۽ يشوع سڀني اسرائيلين سميت موٽي اچي جلجال ۾ منزل ڪئي.
هن شهر جي ماڻهن کي ٻاهر وٺي وڃي ڪرٽن، لوهي ڏاندارين ۽ ڪهاڙن جي ڪم تي لڳايو ۽ بٺن ۾ سرن ٺاهڻ جي بيگر ۾ هنيو. هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو ئي حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سندس سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ موٽي آيا.
انهيءَ کان اڳي يا انهيءَ کان پوءِ انهيءَ جهڙو ڏينهن ڪڏهن بہ ڪونہ ٿيو، جنهن ۾ خداوند انسان جي ڳالهہ مڃي هجي. بيشڪ خداوند بني اسرائيل جي پاران پئي وڙهيو.
هوڏانهن دشمن لشڪر جا اهي پنج ئي بادشاهہ ڀڄي مقيدہ شهر جي هڪڙي غار ۾ وڃي لڪا.
پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت خيميگاهہ ڏانهن جِلجال ۾ موٽي آيو.
تڏهن جِبعون جي رهاڪن يشوع ڏانهن جيڪو جِلجال واري خيميگاهہ رهيل هو تنهن ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻو. جلدي اچو ۽ اسان کي بچايو. اسان جي مدد ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جابلو علائقن ۾ رهندڙ امورين جي سڀني بادشاهن اسان جي خلاف فوجون گڏ ڪيون آهن.“