Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 10:12 - Muslim Sindhi Bible

12-13 انهيءَ ڏينهن خداوند امورين تي بني اسرائيل کي فتح بخشي. ساڳئي ڏينهن منجھند ڌاري يشوع خداوند کان دعا گھري ۽ پوءِ جيئن ”آشر جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي، تيئن هن بني اسرائيل جي روبرو هيئن چيو تہ ”اي سج! تون جِبعون شهر مٿان رڪجي وڃ، اي چنڊ! تون ايالون ماٿريءَ تي ترسي پئُہ.“ تڏهن سج رڪجي ويو ۽ چنڊ ترسي پيو، جيستائين بني اسرائيل قوم دشمنن کي شڪست نہ ڏني. سو سج آسمان جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جيترو وقت هڪ هنڌ رڪجي ويو ۽ اولهہ ڏانهن نہ لڙيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 جنهن ڏينهن خداوند امورين کي بني اسرائيل جي حوالي ڪيو تنهن ڏينهن يشوع خداوند کي عرض ڪيو، ۽ بني اسرائيل جي اڳيان چيائين، تہ اي سج، تون جبعون تي ۽ اي چنڊ، تون ايالون جي واديءَ ۾ بيٺو رهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 10:12
29 Iomraidhean Croise  

ابنير ولد نير ۽ سائول جي پٽ اشبوست جا چونڊ ماڻهو محنايم شهر مان نڪري جِبعون ڏانهن ويا.


حزقياہ وراڻيو تہ ”پاڇولو تہ اڳتي ويندو رهندو ئي آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهو ڏهہ قدم پوئتي هٽي وڃي.“


تڏهن يسعياہ نبيءَ خداوند کان دعا گھري ۽ خداوند پاڇولي کي ڏهہ قدم پوئتي موٽايو، جيڪو آخز بادشاهہ جي محل جي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ويو هو.


يسعياہ وراڻيس تہ ”اهو ثابت ڪرڻ لاءِ تہ هو پنهنجو واعدو پورو ڪندو آهي خداوند تو کي هڪ نشاني ڏيندو. ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿو چاهين تہ پاڇولو ڏهہ قدم اڳتي وڃي يا پوئتي هٽي وڃي؟“


بريعہ ۽ سمعہ ايالون شهر ۾ رهندڙ ڪٽنبن جا وڏا هئا. انهن ڪٽنبن جات جي رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍيو هو.


صرعاہ، ايالون ۽ حبرون.


هو سج کي حڪم ڏيئي اڀرڻ کان روڪي ٿو سگھي. هو تارن کي پڻ چمڪڻ کان روڪي ٿو سگھي.


اي سج ۽ اي چنڊ! اوهين سندس واکاڻ ڪريو. اي سڀيئي چمڪندڙ تارؤ! اوهين کيس سڳورو چئو.


تہ بہ انهن جي لات سڄي دنيا ۾، ۽ انهن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين ٿو پهچي. آسمانن منجھہ خدا سج جي واسطي خيمو کوڙيو آهي،


بيشڪ ڏينهن تنهنجو آهي ۽ رات بہ تنهنجي ئي آهي، ۽ تو ئي سج ۽ چنڊ کي جوڙي قائم رکيو آهي.


انهيءَ سبب جو خداوند اهڙو تہ ڪم ڪندو، جيڪو اوهان جي سمجھہ کان بلڪل ٻاهر هوندو، هائو، هو پنهنجو حيرت انگيز ڪم عمل ۾ آڻيندو. خداوند اهڙو وڙهندو جهڙو پراضيم جبل تي وڙهيو هو، ۽ هو اهڙو غضبناڪ ٿيندو جهڙو جِبعون جي ماٿريءَ ۾ ٿيو هو.


آخز بادشاهہ جي ڌوپ گھڙيءَ تان جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويندو آهي، تنهن کي خداوند ڏهہ قدم پٺتي موٽائي ڇڏيندو.“ سو ڌوپ گھڙيءَ تان جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو هو، سو ڏهہ قدم پٺتي موٽي ويو.


هاڻ تنهنجي مصيبتن جا ڏينهن ختم ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جو جلوو تنهنجي اهڙي ابدي روشني بڻبو، جيڪا سج ۽ چنڊ جي گم ٿيندڙ روشنيءَ جي ڀيٽ ۾ هميشہ قائم وَ دائم رهندي.


ساڳئي سال، يعني يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جي پنجين مهيني ۾ جِبعون جي رهاڪو نبي سڏائيندڙ حننياہ ولد عزور خداوند جي گھر ۾ ڪاهنن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي روبرو مون يرمياہ کي چيو تہ


اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو جو آءٌ سج کي منجھند جو ئي لاهي ڇڏيندس، ۽ ڏينهن ڏٺي جو آءٌ زمين تي اوندهہ ڪري ڇڏيندس.


پر خداوند پنهنجي مقدس هيڪل ۾ موجود آهي، سو سڄي جهان کي گھرجي تہ هن جي اڳيان خاموش رهي.


تنهنجي اڏامندڙ تيرن جي چمڪ، ۽ تنهنجي چمڪندڙ نيزي جي تجليءَ جي ڪري، سج ۽ چنڊ آسمانن ۾ ڄمي بيهي رهيا هئا.


اي بني آدم! خداوند اسان وٽ اچڻ لاءِ پنهنجي عرش عظيم تان اٿيو آهي. سو اوهين سندس حضور ۾ ماٺ رهو.


وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي هجيس، يا سج، چنڊ يا سمورين آسماني شين مان ڪنهن کي بہ سجدو ڪيو هجيس، جنهن کان هن اوهان کي روڪيو آهي.


ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.


شعلبين، ايالون، اتلاہ،


ايالون ۽ جات‌رمون.


پوءِ ايلون وفات ڪئي ۽ زبولون علائقي جي ايالون شهر ۾ کيس دفن ڪيو ويو.


ڇوجو آسمان مان تارا لهي سپهہ‌سالار سيسرا سان اچي وڙهيا. هائو، انهن پنهنجي منزلن کان لهي اچي ساڻن جنگ جوٽي.


پوءِ سموئيل خداوند کي عرض ڪيو تہ خداوند انهيءَ ئي ڏينهن گجگوڙون ۽ مينهن موڪليا. تڏهن سڀيئي ماڻهو خداوند ۽ سموئيل کان تمام گھڻو ڊنا.


انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل مڪماس کان وٺي ايالون تائين فلستين کي ماريو ۽ ماڻهو تمام ماندا ٿي پيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan