Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 1:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جهڙيءَ طرح اسان هر ڳالهہ ۾ موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي هئي تهڙيءَ طرح توهان جي بہ فرمانبرداري ڪنداسين. رڳو خداوند توهان جو خدا توهان سان هجي، جيئن موسيٰ سان هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 جهڙيءَ طرح سڀني ڳالهين ۾ اسان موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي، تهڙيءَ طرح تنهنجي فرمانبرداري ڪنداسين: رڳو خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ حامي هجي، جيئن موسيٰ سان هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 1:17
19 Iomraidhean Croise  

سو اوهان جي ٻانهي سمجھي ٿي تہ پنهنجي آقا بادشاهہ جي ڳالهہ تسليءَ جهڙي هوندي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو آقا بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي پرکڻ ۾ خدا جي ملائڪ جهڙو آهي. شل خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ هجي.“


جيئن خداوند منهنجي آقا بادشاهہ سان گڏ رهيو آهي تيئن شل هو سليمان سان بہ رهي ۽ هن جي تخت کي منهنجي آقا بادشاهہ جي تخت کان بہ وڌائي.“


دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هي بہ چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ ۽ اهو ڪم شروع ڪر. نڪي ڊڄ نڪي بي‌همت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا، منهنجو خدا، تو سان گڏ آهي. هو نہ تو کي وساريندو ۽ نہ وري تو کي ڇڏي ڏيندو، جيستائين خداوند جي هيڪل جي تعمير جو سمورو ڪم پورو نہ ٿي وڃي.


اي بادشاهہ! شل مصيبت جي ڏينهن تي خداوند تنهنجي ٻُڌي! هائو، يعقوب جو خدا شل تو کي سلامت رکي!


شل هو تنهنجيءَ دل جون سموريون مرادون پوريون ڪري! شل هو تنهنجيون سموريون رٿون ڪامياب ڪري!


اي خداوند! تون بادشاهہ کي فتح بخش، ۽ اسان جي دعائن کي قبول فرماءِ.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”نون جو پٽ يشوع، جنهن کي نعمتون عطا ٿيل آهن، تنهن کي آڻي اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم جي اڳيان بيهاري انهن سڀني جي سامهون تون سندس مٿي تي پنهنجو هٿ رکي کيس پنهنجو جاءِ‌نشين مقرر ڪر.


تون پنهنجي ڪجھہ حشمت هن کي ڏي تہ جيئن بني اسرائيل جي سڄي قوم هن جي فرمانبرداري ڪري.


ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“


نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو، ڇاڪاڻ تہ موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا. سو بني اسرائيل جا ماڻهو هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو، تنهن موجب هنن عمل ڪيو.


تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏني تہ ”توهان جيئن اسان کي حڪم ڏنو آهي تيئن اسين ڪنداسين ۽ جيڏانهن توهين اسان کي موڪليندا تيڏانهن وينداسين.


جيڪو توهان جي حڪم جي خلاف بغاوت ڪندو يا توهان جي ڪنهن بہ حڪم کي نہ مڃيندو سو ماريو ويندو. توهين رڳو مضبوط ۽ همت وارا ٿيو.“


تنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگھندو. جيئن آءٌ موسيٰ سان هئس، تيئن تو سان بہ هوندس. آءٌ تو کي نڪي نا‌اميد ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس.


ڏس، مون تو کي حڪم ڪيو آهي تہ مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ. نڪي ڊڄ نڪي بي‌همت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جيڏانهن بہ تون ويندين تيڏانهن آءٌ خداوند تنهنجو خدا تو سان گڏ هوندس.“


پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارن ڪاهنن کي حڪم ڏي تہ هو اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچن.“ سو يشوع ڪاهنن کي حڪم ڏنو تہ ”اوهين اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچو.“ تڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا ڪاهن بہ اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر آيا ۽ جيئن ئي انهن پنهنجا پير سڪيءَ زمين تي رکيا، تہ اردن درياءَ جو وهڪرو وري شروع ٿي ويو ۽ اڳي وانگر پاڻي ڪنارن کان ٻاهر وهڻ لڳو. انهيءَ ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي نظرن ۾ يشوع کي سرفراز ڪيو ۽ بني اسرائيل سندس سڄي حياتيءَ تائين کانئس اهڙو ڊڄندا رهيا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.


دائود وڌيڪ چيو تہ ”جنهن خداوند مون کي شينهن توڙي رڇن جي چنبن کان بچائي ورتو، سو ئي مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو.“ تڏهن سائول چيس تہ ”وڃ، شل خداوند تو ساڻ هجي.“


پر جيڪڏهن منهنجي پيءُ تو کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هوندو، تہ خداوند مون سان شل ائين ئي ڪري بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ، جيڪڏهن آءٌ تو کي انهيءَ جو اطلاع نہ ڏيان ۽ تو کي روانو نہ ڪري ڇڏيان جو تون صحيح سلامت هليو وڃين. شل خداوند تو سان هجي جيئن منهنجي پيءُ ساڻ هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan