Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 1:15 - Muslim Sindhi Bible

15 جيستائين خداوند اوهان جو خدا انهن کي بہ آرام سان رهائي جيئن اوهان کي رهايو اٿس، يعني جيستائين هو انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪن جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏيڻ وارو آهي. تنهن کان پوءِ اهي ڀلي موٽي اچي هتي اردن درياءَ جي اوڀر طرف پنهنجي علائقي ۾ رهن، جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي ڏنو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 جيستائين خداوند اوهان جي ڀائرن کي بہ آرام بخشي، جيئن اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏئي ٿو: تڏهن اوهين پنهنجي انهيءَ ملڪ ڏي موٽي وڃجو جو اوهان جو آهي، ۽ انهيءَ تي قبضو ڪجو، جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، يردن جي پرئين ڀر اُڀرندي ڏانهن، اوهان کي ڏنو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 1:15
15 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.


محبت بدتميزي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ نہ وري غلطين جو حساب ڪتاب ٿي رکي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي جسماني خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.


اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي شريعت کي پورو ڪندا.


انهيءَ وقت ئي مون اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو تہ ’خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ميراث ڪري ڏنو آهي. سو اوهين سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي اڳيان درياءَ پار هلو.


جڏهن خداوند اوهان جي قوم وارن کي بہ اهڙو ئي آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين سڀ موٽي پنهنجي هن ملڪيت تي اچجو، جيڪا مون اوهان کي ڏني آهي.‘


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ٻڌو، اوهين اڄ اردن درياءَ کان پار انهيءَ لاءِ وڃڻ وارا آهيو تہ جيئن اهي قومون جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن ۽ جن جي وڏن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن، تن کي ڀڄائي ڪڍو.


اوهان مان هر هڪ رڳو پنهنجي باري ۾ نہ، پر ٻين جي باري ۾ بہ سوچي.


خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي وفات کان پوءِ موسيٰ جي خادم يشوع ولد نون سان خداوند ڳالهايو.


سو اوهان جون زالون، ٻار ۽ چوپايو مال ڀلي هن ئي علائقي ۾ رهن. پر اوهان مان سڀيئي جنگي جوان پنهنجي قوم وارن جي اڳيان هٿيار ٻڌي هن پار ڪنعان ڏانهن وڃن ۽ اتي پنهنجي ڀائرن جي ايستائين مدد ڪن،


تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏني تہ ”توهان جيئن اسان کي حڪم ڏنو آهي تيئن اسين ڪنداسين ۽ جيڏانهن توهين اسان کي موڪليندا تيڏانهن وينداسين.


تنهن کان پوءِ يشوع بني روبن، بني جد ۽ اوڀر واري بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارن کي سڏايو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan