Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ”اوهين خيمي‌گاهہ جي وچان لنگھندي ماڻهن کي هي حڪم ڏيو تہ ’اوهين پنهنجي لاءِ سيڌو سامان تيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ٽن ڏينهن کان پوءِ اسين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هلنداسون جيڪو خداوند اسان کي ميراث ڪري ڏيڻ وارو آهي.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 اوهين منزلگاهہ جي وچ مان لنگهي ماڻهن کي حڪم ڏيو تہ پنهنجي لاءِ کاڌي جو سامان تيار ڪن؛ ڇالاءِ جو ٽن ڏينهن جي اندر اوهان کي يردن جي پار لنگهڻو پوندو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند ورثو ڪري اوهان کي ڏئي ٿو، سو هٿ ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 1:11
9 Iomraidhean Croise  

”پوئتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي اڳواڻ حزقياہ کي وڃي چئُہ تہ آءٌ خداوند، سندس ڏاڏي دائود جو خدا چوان ٿو تہ ’مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ تنهنجا ڳوڙها ڏٺا اٿم. تنهنڪري آءٌ تو کي شفا بخشيندس ۽ ٽئين ڏينهن تي تون هيڪل ۾ وڃي سگھندين.


ٽئين ڏينهن تائين هو تيار ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند سينا جبل تي لهي ايندس، جتي سڀيئي ماڻهو مون کي ڏسي سگھندا.


ٻن ڏينهن کان پوءِ هو اسان کي چڱو ڀلو ڪندو، ۽ ٽئين ڏينهن هو اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو، تان‌تہ اسين سندس آڏو زندہ رهون.


اوهين اردن درياءَ جي پار وڃڻ وارا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن تي وڃي قبضو ڪريو. سو اوهين انهيءَ تي قبضو ڪندا ۽ ان ۾ رهندا.


انهيءَ وقت ئي مون اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو تہ ’خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ميراث ڪري ڏنو آهي. سو اوهين سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي اڳيان درياءَ پار هلو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ٻڌو، اوهين اڄ اردن درياءَ کان پار انهيءَ لاءِ وڃڻ وارا آهيو تہ جيئن اهي قومون جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن ۽ جن جي وڏن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن، تن کي ڀڄائي ڪڍو.


پوءِ يشوع بني اسرائيل جي اڳواڻن کي حڪم ڏنو تہ


کيس چيائين تہ ”منهنجو ٻانهو موسيٰ مري ويو آهي. هاڻي تون ۽ هيءَ سڄي قوم تيار ٿيو ۽ اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان ملڪ ۾ وڃو جيڪو آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان.


ٽن ڏينهن کان پوءِ عملدار خيمي‌گاهہ جي وچان لنگھيا


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan