Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوناہ 4:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تنهن تي خداوند يونس کي چيو تہ ”ڇا ٻوٽي لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“ يونس وراڻيو تہ ”منهنجو ڪاوڙجڻ ايتري تائين صحيح قدم آهي تہ آءٌ موت چاهيان ٿو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ يوناہ خدا کي چيو تہ ڪدوءَ جي ول لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ مناسب آهي ڇا؟ ۽ هن چيو، تہ مرڻ تائين ڪاوڙجڻ منهنجي لاءِ مناسب آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوناہ 4:9
13 Iomraidhean Croise  

سو اخي‌اب تپي باهہ ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو، ڇو تہ نابوت کيس چيو هو تہ ”آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو تو کي نہ ڏيندس.“ سو هو پنهنجي بستري تي منهن ورائي سمهي پيو ۽ ماني بہ نہ کاڌائين.


تون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ رڳو پاڻ کي ئي ٿو نقصان رسائين، ڀلا تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خدا ڌرتيءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ يا تنهنجي ڪري هو ٽڪرن کي سندن جاءِ تان هٽائي ڇڏيندو ڇا؟


سو خبردار، متان تنهنجو غصو تو کي وڌيڪ گمراهہ نہ ڪري ڇڏي، يا ناجائز دولت ميڙي سدائين قائم رهڻ واري تنهنجي سوچ تو کي ٻوڙي نہ ڇڏي.


خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.


پر اها ڳالهہ يونس کي اصل نہ وڻي ۽ هو ڪاوڙيو.


تڏهن خداوند فرمايو تہ ”تو کي انهيءَ ٻوٽي جي ايتري ڳڻتي آهي جنهن جي لاءِ تو نہ تہ ڪا محنت ڪئي، نڪي ان کي اُڀاريو. اهو تہ هڪڙيءَ ئي رات ۾ پيدا ٿيو ۽ هڪڙيءَ ئي رات ۾ سُڪي سڙي ويو.


پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


سو کين چيائين تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رهو.“


حقيقت ۾ اهڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آهي، سو توبهہ پيدا ٿو ڪري جنهن جو نتيجو ڇوٽڪارو آهي. انهيءَ توبهہ تي ڪنهن کي پڇتائڻو نہ ٿو پوي. انهيءَ جي ابتڙ دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.


انهن پنجن مهينن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا پر لهي نہ سگھندا، هو مرڻ چاهيندا پر موت کانئن پري ڀڄندو.


هوءَ کيس روز بروز پنهنجي ڳالهين سان تنگ ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هن کيس نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan