Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوناہ 4:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ يونس شهر کان ٻاهر اوڀر طرف نڪري ويو. اُتي پنهنجي لاءِ هڪڙو ڇپر ٺاهي ان جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏسي تہ شهر جو ڪهڙو حال ٿو ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 پوءِ يوناہ شهر مان نڪري ٻاهر ويو، ۽ شهر جي اُڀرندي پاسي وڃي ويٺو، ۽ اتي پنهنجي لاءِ هڪڙي لانڍي جوڙيائين، ۽ انهيءَ جي ڇانوَ ۾ ويٺو، انهي لاءِ تہ ڏسي تہ شهر جو ڪهڙو حال ٿو ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوناہ 4:5
10 Iomraidhean Croise  

جڏهن الياس اهو ٻڌو تڏهن چادر سان پنهنجو منهن ڍڪي نڪري اچي غار جي منهن وٽ اندران ئي بيهي رهيو. تڏهن انهيءَ آواز کيس چيو تہ ”اي الياس! تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟“


اتي هو هڪڙي غار ۾ گھڙي ويو ۽ رات اتي ئي گذاريائين. تڏهن اوچتو خداوند ساڻس ڳالهايو تہ ”اي الياس! تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟“


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


پر جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تو بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ تنهنجي نالي سان اڳتي وري ڪجھہ بہ نہ چوندس، تہ پوءِ تنهنجو فرمان منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي اهڙي باهہ وانگر ڀڙڪي ٿو جيڪا منهنجي هڏن منجھہ لڪل آهي. آءٌ انهيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪريان ٿو، پر ڪري نہ ٿو سگھان.


تڏهن ملاح ڊڄي ويا ۽ پنهنجي پنهنجي معبود کي پڪارڻ لڳا. ان سان گڏ هو جهاز ۾ رکيل سامان کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ لڳا تہ جيئن جهاز هلڪو ٿئي. پر يونس ان کان اڳ ئي جهاز جي هيٺئين ڀاڱي ۾ لهي ويو هو، جتي هو گھاٽيءَ ننڊ ۾ ستو پيو هو.


تڏهن خداوند کيس فرمايو تہ ”ڇا تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“


خداوند خدا هڪڙو ٻوٽو پيدا ڪيو ۽ انهيءَ کي يونس جي مٿان ڇانوَ ڪرڻ لاءِ پکيڙي ڇڏيائين تہ جيئن هو تڪليف کان بچي. يونس انهيءَ ٻوٽي جي ڪري تمام گھڻو خوش ٿيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan