سو اخياب تپي باهہ ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو، ڇو تہ نابوت کيس چيو هو تہ ”آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو تو کي نہ ڏيندس.“ سو هو پنهنجي بستري تي منهن ورائي سمهي پيو ۽ ماني بہ نہ کاڌائين.
تنهن تي خداوند يونس کي چيو تہ ”ڇا ٻوٽي لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“ يونس وراڻيو تہ ”منهنجو ڪاوڙجڻ ايتري تائين صحيح قدم آهي تہ آءٌ موت چاهيان ٿو.“
”هارون وفات ڪري پنهنجن سان وڃي گڏبو. سو جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ هو داخل نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ مريباہ جي چشمي وٽ اوهان ٻنهي منهنجي حڪم جي خلاف ڪم ڪيو.