Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوناہ 4:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هاڻي اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ساهہ ڪڍ، ڇوجو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تنهنڪري اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کان منهنجي حياتي وٺ، ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوناہ 4:3
14 Iomraidhean Croise  

پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هليو ويو. اُتي هو لئيءَ جي هڪڙي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ خدا کان پنهنجي مرڻ جي دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! هاڻي بس، منهنجا ڏينهن پورا ڪر. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر ناهيان جو نہ مران.“


جيئن نيڪ نامي قيمتي عطر کان وڌيڪ بهتر آهي، تيئن مرڻ جو ڏينهن ڄمڻ جي ڏينهن کان وڌيڪ بهتر آهي.


پنهنجيءَ ڪاوڙ تي ضابطو رکو، ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ رڳو بي‌عقلن جي دلين ۾ رهي ٿي.


انهيءَ خراب قوم مان جيڪي باقي بچندا ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هوندو، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا. آءٌ قادرِمطلق خداوند ائين ٿو چوان.“


تڏهن خداوند کيس فرمايو تہ ”ڇا تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“


پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


جيڪڏهن تو کي مون سان اهڙي ئي هلت ڪرڻي آهي تہ پوءِ مون تي رحم فرمائي مون کي هڪدم ماري ڇڏ، تہ جيئن آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.“


پوءِ هو موسيٰ سان جھيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ ”ڪيڏو نہ چڱو ٿئي ها جو جڏهن اسان جا هم‌قوم خداوند جي مقدس خيمي جي سامهون مري ويا هئا تڏهن اسين بہ مري وڃون ها.


پر مون انهن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آهي، نڪي آءٌ هي انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان تہ اهڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پهريائين مرڻ بهتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اهو فخر کسي وٺي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan