يوناہ 3:6 - Muslim Sindhi Bible6 نينواہ جي بادشاهہ بہ جڏهن انهيءَ اعلان بابت ٻڌو تہ هو پنهنجي تخت تان اُٿي کڙو ٿيو. هن پنهنجي شاهي پوشاڪ لاهي کٿو ڍڪيو ۽ خاڪ تي ويهي رهيو. Faic an caibideilSindhi Bible6 ۽ اُها خبر نينوہ جي بادشاهہ کي پهتي، ۽ هو پنهنجي تخت تان اُٿيو، ۽ پنهنجي شاهي پوشاڪ لاٿائين، ۽ کٿو ڍڪي خاڪ تي ويهي رهيو. Faic an caibideil |
تڏهن عيسيٰ بياعتقاد شهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيتصيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي ويهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪن ها.