Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوناہ 3:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اهو ٻڌي نينواہ جي ماڻهن خدا تي يقين ڪيو. هنن توبهہ ڪندي هڪڙي روزي رکڻ جو اعلان ڪيو ۽ ادنيٰ کان اعليٰ تائين سڀني ماڻهن کٿو ڍڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ نينوہ جي ماڻهن خدا تي ويساهہ آندو؛ ۽ هنن هڪڙي روزي جو اشتهار ڪيو، ۽ تمام وڏي کان وٺي تمام ننڍي تائين کٿو ڍڪيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوناہ 3:5
21 Iomraidhean Croise  

جڏهن بادشاهہ حزقياہ اهو ٻڌو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين ۽ کٿو ڍڪي هيڪل ۾ ويو.


اهو ٻڌي يهوسفط ڊڄي ويو ۽ خداوند کي ٻاڏائي ڪري رهنمائي گھرڻ لڳو. پوءِ هن سڄي يهوداہ ملڪ ۾ روزي رکڻ جو اعلان ڪرايو.


پوءِ اتي اهوا واهہ وٽ مون روزو رکڻ جو اعلان ڪيو، تہ جيئن اسين پنهنجي خدا جي آڏو عاجزي ڪريون ۽ کانئس دعا گھرون تہ اسان لاءِ ۽ اسان جي ٻارن ٻچن لاءِ سلامتيءَ واري راهہ ڏيکاري ۽ اسان جي مال ملڪيت جي سلامتي هجي.


جڏهن مردڪئيءَ کي انهيءَ سڄي ڳالهہ جي خبر پيئي تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ مٿي ۾ رک وجھي بدن تي کٿو ڍڪي شهر جي رستن تي اچي رڙيون ڪري روئڻ پٽڻ لڳو.


سو بني اسرائيل سينا جبل وٽ ئي پنهنجو سينگار لاهي روانا ٿيا.


هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اهو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي پنجين سال جو نائون مهينو هو، جڏهن يروشلم جي سڀني ماڻهن توڙي يهوداہ جي ٻين شهرن کان يروشلم ۾ آيل سڀني ماڻهن خداوند جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ روزو رکيو.


تڏهن اتي لشڪر جا سڀ سالار ۽ يوحنان ولد قريح، عزرياہ ولد هوسعياہ ۽ ٻيا سڀ ننڍا توڙي وڏا ماڻهو


سو مون يوحنان ولد قريح ۽ لشڪر جا جيڪي سالار ساڻس گڏ هئا تن سڀني کي ۽ ٻين ننڍن توڙي وڏن ماڻهن کي پاڻ وٽ سڏايو.


سو مون پنهنجو منهن خداوند خدا ڏانهن ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ سندس راضپي لاءِ روزو رکي، کٿو ڍڪي ۽ خاڪ تي ويهي کانئس دعا گھران ۽ کيس منٿ ڪريان.


اوهين ملڪ جي اڳواڻن بلڪ سڀني رهاڪن کي خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل وٽ گڏ ڪريو. سڀني کي خاص روزي رکڻ جي هدايت ڪريو، ۽ خداوند آڏو اوهين سڀيئي عاجزيءَ سان ٻاڏايو.


تنهن کان پوءِ هن حڪم جاري ڪيو تہ ”بادشاهہ ۽ سندس اميرن جي حڪم سان هي اعلان ڪيو وڃي ٿو تہ ڪوبہ ماڻهو يا جانور، ڍور ڍڳا يا رڍون ٻڪريون نڪي کائن نڪي پيئن، بلڪ ڪوبہ ماڻهو توڙي جانور ڪا شيءِ چکي بہ نہ.


نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يونس جي تبليغ تي ئي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يونس کان بہ عظيم آهي.


نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يونس جي تبليغ تي ئي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يونس کان بہ عظيم آهي.“


تنهنڪري اي دوستؤ! دلجاءِ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو خدا تي پورو يقين آهي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو


شهر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا هئا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي خدا جي عظيم قدرت ڪري چوندا هئا.


ايمان مان مراد آهي انهن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي وڃي ٿي، هائو، انهن شين تي يقين، جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿيون اچن.


ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.


آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي پيغام ٻڌائين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan