2 ”اُٿ، وڏي شهر نينواہ ڏانهن وڃ ۽ جيڪي آءٌ تو کي چوان سو اتان جي ماڻهن کي وڃي ٻڌاءِ.“
2 اُٿي نينوہ ڏي وڃ، جو وڏو شهر آهي، ۽ جيڪي آءٌ توکي چوان، انهي جي منادي ڪري ٻڌاءِ.
مردڪئيءَ ۽ راڻي آستر کين حڪم ڪيو هو تہ جهڙيءَ طرح هنن پاڻ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي اولاد لاءِ روزا رکڻ ۽ سوڳ جا ڏينهن ملهائڻ متعلق ٺهراءُ بحال ڪيو هو، تهڙيءَ طرح اهي پُوريم عيد جا ڏينهن مقرر ڪيل وقتن تي ملهائيندي قائم رکندا اچن.
تڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون جيڪي خدا کيس ٻڌائي روانو ڪيو هو ۽ اهي معجزا جيڪي ڪرڻ لاءِ کيس ٻڌايا هئائين، سي سڀ هارون کي بيان ڪري ٻڌايا.
سو تون سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ! جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو وڃي انهن کي ٻڌاءِ. انهن کان نہ ڊڄ، نہ تہ آءٌ تو کي انهن اڳيان گھڻو ڊنل بڻائيندس.
تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”ائين نہ چئُہ تہ ’آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان،‘ بلڪ جنهن ڏانهن بہ آءٌ تو کي موڪليان، تنهن ڏانهن تو کي وڃڻو آهي، ۽ جيڪي حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو پهچائڻو آهي.
سو تون منهنجيون چيل ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ، پوءِ هو اهي ٻڌن يا نہ، ڇاڪاڻ تہ اهي تہ آهن ئي باغي.
”اي آدمزاد! مون تو کي بني اسرائيل قوم جو نگهبان بڻايو آهي. سو جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.
”اُٿ، وڏي شهر نينواہ ڏانهن وڃ ۽ اُتان جي ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ مون کي خبر آهي تہ اوهين بدڪار ٿي ويا آهيو.“
خداوند ٻيو ڀيرو يونس کي فرمايو تہ
تڏهن يونس خداوند جي حڪم موجب نينواہ شهر ڏانهن روانو ٿيو. نينواہ ايڏو تہ وڏو شهر هو جو ان منجھان لنگھي وڃڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ٿي ويا.
اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي.
ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري گناهہ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“