Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوناہ 2:6 - Muslim Sindhi Bible

6 آءٌ سمنڊ ۾ جبلن جي ترن تائين غرق ٿي ويس، ڌرتيءَ جا تالا مون مٿان هميشہ لاءِ بند ٿي ويا. تڏهن بہ اي خداوند منهنجا خدا! تو منهنجي ٻڌي، ۽ منهنجيءَ جان کي پاتال مان ڪڍي ٻاهر آندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 آءٌ جبلن جي ترن تائين هيٺ لهي ويس؛ ڌرتي پنهنجن گزن سان هميشہ لاءِ مون تي بند ٿي ويئي: انهيءَ هوندي بہ، اي خداوند منهنجا خدا، تو منهنجي جان کي پاتال مان ڪڍيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوناہ 2:6
25 Iomraidhean Croise  

تہ پوءِ اهو فرشتو مٿس مهربان ٿي خدا کي عرض ڪري ٿو تہ ’خدايا! هن کي قبر ۾ وڃڻ کان بچاءِ، ڇو تہ سندس موت جو عيوضو ادا ٿي ويو آهي.‘


بلڪ هن منهنجي جان کي قبر ۾ پوڻ کان بچائي ورتو آهي، سو آءٌ هن روشن دنيا جو لطف وٺڻ لاءِ جيئرو رهندس.‘


تو انهيءَ کي پوشاڪ وانگر سمنڊ سان ڍڪي ڇڏيو آهي، ايتري تائين جو پاڻي جبلن کان بہ مٿي بيٺو هو.


جبل ظاهر ٿي بيٺا ۽ پاڻي وادين منجھان وهي ويو، پوءِ اهو انهيءَ جاءِ تائين ويو، جيڪا تو هن واسطي مقرر ڪئي هئي.


مون کي موت جي رسين ويڙهي ڇڏيو هو، ۽ قبر جي هيبت اچي ورتو هئم. هائو، آءٌ ڏک ۾ گرفتار ٿي ويو هئس، ۽ دهشتن مون کي گھيري ڇڏيو هو.


اي خداوند! منهنجي جلدي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. تون مون کان منهن نہ موڙ، متان آءٌ مئلن جيان قبر ۾ وڃي پوان.


آءٌ تنهنجو سچار بندو آهيان، تون مون کي برزخ ۾ وڃڻ ڪين ڏيندين. هائو، تون مون کي پاتال ڏسڻ ڪين ڏيندين.


منهنجي چوڌاري پاتال جا رسا پيل هئا، منهنجي مٿان موت جا ڦندا اچي پيا هئا.


اي خداوند! تو مون کي پاتال ۾ وڃي پوڻ کان بچائي ورتو، هائو، تو مون کي قبر ۾ داخل ٿيڻ کان محفوظ رکيو.


”اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ قبر ۾ وڃي پوان، تہ پوءِ منهنجي موت مان تو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا پوءِ منهنجي قبر جي مٽي تنهنجي تعريف ڪندي؟ يا اها تنهنجي سچائيءَ کي پڌرو ڪندي؟


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


اي خدا! تون جيڪو پوريءَ طرح قادر آهين، سو جبلن کي پنهنجيءَ قدرت سان قائم رکين ٿو.


آءٌ اونهيءَ ڌٻڻ ۾ لهندو ٿو وڃان، جنهن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڪانهي. آءٌ اونهي پاڻيءَ ۾ اچي پيو آهيان، ۽ ڇوليون منهنجي مٿان گذرن ٿيون.


”مون سوچيو ٿي تہ منهنجي حياتيءَ جا باقي رهيل سال مون کان کسيا ويا آهن، سو آءٌ پنهنجي ڦوهہ جوانيءَ ۾ ئي مري وڃي مئلن جي دنيا ۾ داخل ٿيندس.


بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.


ڇا ڪو سمنڊ کي پنهنجي ٻڪ سان ماپي ٿو سگھي؟ يا آسمان کي پنهنجي گرانٺ سان ڪڇي ٿو سگھي؟ ڇا ڪو زمين جي مٽيءَ کي ڪنهن ٿانوَ ۾ ماپي ٿو سگھي؟ يا ڪو جبلن ۽ ٽڪرن کي تارازيءَ ۾ توري ٿو سگھي؟


تڏهن آءٌ تو کي هيٺ پاتال ۾ لاهي ڇڏيندس، جتي تون قديم زماني جي ماڻهن ۽ گھڻو اڳي ناس ٿي ويل شهرن سان وڃي گڏبين. تون وري ڪڏهن بہ مٿي اچي آباد نہ ٿيندين ۽ جيئرن جي دنيا ۾ تو لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانہ هوندي.


اهو سڀ ڪجھہ انهن ٻين قومن لاءِ اهڙي تاڪيد ٿيندو جيڪي جھجھي پاڻيءَ جي ڀرسان بيٺل وڻ مثل آهن تہ جيئن اهي مغرور ٿي پنهنجي چوٽي آسمان تائين بلند نہ ڪن. هائو، پاڻيءَ تي پرورش وٺندڙ ڪوبہ وڻ پنهنجي بلنديءَ تي وڏائي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي ضرور مرڻو آهي. سڀ بني آدم فاني آهن ۽ پاتال ۾ وڃي پوندا آهن. سو اهي بہ مري وڃي قبر ۾ پوندا.


جبل تو کي ڏسندي ئي ڏڪي ويا هئا، پاڻيءَ جا ريلا ٻوڏ جي صورت ۾ آيا هئا، اونهي سمنڊ گجگوڙون ڪيون هيون ۽ پنهنجيون ڇوليون اوچيون ڪيون هئائين.


هو بيهي ٿو تہ زمين ڪنبي ٿي وڃي، هو نهاري ٿو تہ قومون ڏڪي ٿيون وڃن. ۽ اهي قديمي جبل ۽ ٽڪريون جن تي هو گھمندو هو، سي سندس گھمڻ سان ڀورا ڀورا ٿي وينديون هيون.


آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.


منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي، جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي. اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan