Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوناہ 2:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اهو سڀ ڏسي مون پنهنجيءَ دل ۾ هي خيال ڪيو تہ ’شايد آءٌ تنهنجي اکين کان پري لوڌيو ويو آهيان،‘ پر تڏهن بہ اي خدا! آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل کي هاڻي ڏسي سگھندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ مون چيو تہ آءٌ تنهنجين اکين کان پري اُڇلايو ويو آهيان؛ انهيءَ هوندي بہ آءٌ وري تنهنجي پاڪ هيڪل ڏي نهاريندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوناہ 2:4
20 Iomraidhean Croise  

تہ پوءِ آءٌ بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جيڪو مون کين ڏنو آهي، ۽ هيءَ هيڪل جنهن کي مون پنهنجي نالي تي مخصوص ڪيو آهي، تنهن کي رد ڪري ڇڏيندس. بني اسرائيل پوءِ سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪن‌هاب ٿي پوندا.


ان وقت آءٌ گھٻرائجي ويو هئس ۽ سوچيو هئم تہ ”آءٌ تنهنجي نظر کان ڪڍيو ويو آهيان.“ پوءِ بہ جڏهن مون تو کي پڪاريو، تڏهن تو منهنجيون منٿون ٻڌي ورتيون.


تڏهن بہ ڏينهن جي وقت خداوند مون کي پنهنجي دائمي شفقت ڏيکاري ٿو، ۽ رات جي وقت مون کان پنهنجو گيت ڳارائي ٿو. هائو، آءٌ انهيءَ جي واکاڻ ٿو ڳايان، جيڪو منهنجي حياتيءَ جو خدا آهي.


پر تنهنجي دائمي شفقت جي ڪري آءٌ تنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندس. آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندي تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪندس.


تو مون کي پاتال جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. هائو، تو مون کي اونداهيءَ جي اوڙاهہ ۾ وجھي ڇڏيو آهي.


تنهنجو غضب مون تي ڏاڍو ڀاري آهي، مون کي تنهنجي غصي وارين ڇولين ٻوڙي ڇڏيو آهي.


بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.


پر يروشلم جي ماڻهن چيو تہ ”خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، اسان جي ڌڻيءَ اسان کي وساري ڇڏيو آهي.“


پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.


آءٌ اوهان کي ائين پنهنجي حضور مان ڪڍي اڇلائيندس، جيئن مون اوهان جي هم‌قوم بني افرائيم کي اڇلائي ڇڏيو هو.“


پاڻي منهنجي سر کان مٿي ايترو تہ چڙهي ويو آهي، جو آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻ آءٌ ٻڏي مرڻ وارو آهيان.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جا ماڻهو انهن مئل هڏين مثل آهن. اهي شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ’اسان جون هڏيون سڪي ويون آهن ۽ اسان جي ڪا اميد باقي نہ رهي آهي. اسين تہ بلڪل فنا ٿي ويا آهيون.‘


جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري.


جڏهن منهنجو ساهُہ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون تو خداوند کي ياد ڪيو، منهنجي دُعا تنهنجي مقدس هيڪل ۾ تو تائين پهتي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan