Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوناہ 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 يونس کين چيو تہ ”مون کي کڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪريو تہ سمنڊ اوهان لاءِ ماٺو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ مون کي يقين آهي تہ منهنجي ئي ڪري هي وڏو طوفان اوهان تي آيو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ هن چين تہ مون کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وجهو؛ تہ سمنڊ اوهان جي لاءِ ماٺو ٿئي، ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي ئي ڪري هي وڏو طوفان اوهان تي آيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوناہ 1:12
10 Iomraidhean Croise  

ان دوران دائود جڏهن ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ”ڏس، مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ آءٌ ئي ڏنگي هلت هليو آهيان، پر هنن مسڪينن جو ڪهڙو قصور آهي؟ سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي ئي خلاف ٿئي.“


دائود دعا گھري تہ ”اي خدا! جنگي جوانن کي شمار ڪرڻ جو مون ئي حڪم ڏنو هو. مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ غلطي ڪئي اٿم. هنن ويچارن ڪهڙو قصور ڪيو آهي؟ سو اي خداوند منهنجا خدا! مون کي ۽ منهنجي گھراڻي کي ڀلي سزا ڏي، پر هنن ماڻهن کي وبا سان نہ مار.“


نہ، تنهنجي شرارت رڳو تو جهڙي انسان کي ئي نقصان پهچائي سگھي ٿي، هائو، تنهنجي سچائي رڳو ڪنهن آدمزاد کي ئي فائدو پهچائي سگھي ٿي.


ڏاهپ جنگي هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي، پر انسان جي رڳو هڪڙي غلطي سندس ڪيل سڀني نيڪين کي برباد ٿي ڪري ڇڏي.


جيئن تہ سمنڊ تي طوفان زور وٺندو ٿي ويو تنهنڪري هنن پڇيس تہ ”اسين تو سان ڇا ڪريون جو سمنڊ اسان لاءِ ماٺو ٿئي؟“


انهيءَ هوندي بہ سامونڊي جهاز وارن ڳن موڙي زمين ڏانهن موٽڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پهچي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ طوفان زور وٺندو ٿي ويو.


اوهين اهو سمجھو ئي نہ ٿا تہ اوهان جي لاءِ هي بهتر ٿيندو جو هڪڙو ماڻهو قوم لاءِ مري ۽ نہ سڄي قوم تباهہ ٿئي.“


۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، هي جيڪي ماڻهو جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.‘


انهيءَ ڪري ئي بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگھن. هو انهن کي پٺي ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ کي تباهيءَ جي لائق بڻايو آهي. هاڻ جيستائين اوهين پاڻ منجھان انهن مخصوص شين کي ناس نہ ڪندا جيڪي ناس ڪرڻيون آهن، تيستائين آءٌ اوهان سان نہ هوندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan