Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوحنا 8:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ وڃي رهيو ۽ اها عورت بيٺي رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن وڏي کان وٺي ننڍي تائين هڪڙو هڪڙو ٿي نڪري ويا: ۽ رڳو يسوع وڃي رهيو، ۽ اُها زال وچ ۾ بيٺي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 جڏهن نيم شاسترين ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو يسوع وڃي رهيو ۽ اها ناري بيٺي رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن انھن مان پھريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ اڪيلو وڃي رھيو ۽ اھا عورت بيٺي رھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوحنا 8:9
22 Iomraidhean Croise  

تڏهن انهيءَ عورت الياس کي چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! هي تو مون سان ڇا ڪيو آهي؟ تون هتي مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ خدا کي منهنجا گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارائين؟“


بادشاهہ شمعيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود سان جيڪا تمام خراب هلت ڪئي هئي سا تو کي پنهنجيءَ دل ۾ معلوم آهي. هاڻ خداوند تو کي تنهنجي خراب هلت جو بدلو ڏيندو.


آسمان انهن جا گناهہ ظاهر ڪندا، ۽ زمين تن جي خلاف اُٿي کڙي ٿيندي.


’شريرن جي سوڀ عارضي هوندي آهي؟‘ هائو، جيڪي ماڻهو خدا تي ڀروسو نہ رکندا آهن، تن جي خوشي ٿوري دير لاءِ هوندي آهي.


جيڪي منهنجي جان کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين، سي سڀ شل خوار خراب ٿين ۽ منجھي پون! جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ ٿا چاهين، شل سي ذليل وَ خوار ٿي پٺ ڏيئي ڀڄيو وڃن!


اوهان اهي ئي ڪم پئي ڪيا تہ بہ آءٌ ماٺ رهيس، سو اوهان ڀانئيو تہ آءٌ اوهان جهڙو ئي آهيان. هاڻ آءٌ اوهان کي تنبيهہ ڪري اوهان جا ڪم اوهان آڏو آڻيندس.


جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين سي شل ذليل وَ خوار ٿين. هائو، جيڪي مون تي تهمتون ٿا هڻن، سي شل خوار خراب ٿي ناس ٿي وڃن.


جڏهن تہ اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان پاڻ بہ ڪيترائي دفعا ٻين جي بي‌عزتي ڪري چڪا آهيو.


عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏهن تہ هن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري سڄي خلق خوش پئي ٿي.


عيسيٰ ڪنڌ مٿي ڪري انهيءَ عورت کي چيو تہ ”اي مائي! اهي ڪيڏانهن ويا؟ ڇا هتي ڪوبہ ڪونہ آهي جو تو کي گنهگار قرار ڏئي؟“


ٻئي دفعي عيسيٰ فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو وري هيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.


تڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين هڪڙي عورت کي آندو جنهن کي زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙيو ويو هو، تنهن کي اڳيان بيهاري


پوءِ هو وري نِوڙي زمين تي پنهنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو.


انهن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي اُڪريل آهن ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي. سو انهن جا خيال ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي تهمت ٿا هڻن تہ ڪڏهن پاڻ کي آزاد ٿا سمجھن.


اوهين چئو ٿا تہ ”زنا نہ ڪريو،“ پر اوهين پاڻ زنا ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين بتن کان تہ نفرت ڪريو ٿا، پر اوهين مندرن جون ڦُريل شيون ڇو ٿا استعمال ڪريو؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan