Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوحنا 8:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين هڪڙي عورت کي آندو جنهن کي زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙيو ويو هو، تنهن کي اڳيان بيهاري

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ فقيهن ۽ فريسين هڪڙيءَ زال کي آندو، جنهن کي زنا ڪندي پڪڙيو هئائون، ۽ تنهن کي وچ ۾ بيهاري

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 تڏهن نيم شاسترين ۽ فريسين هڪڙي ناريءَ کي آندو جنهن کي زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙيو ويو هو، تنهن کي اڳيان بيهاري

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھڪڙي عورت کي آندو جنھن کي زنا ڪندي پڪڙيو ھئائون، تنھن کي وچ ۾ بيھاري

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوحنا 8:3
10 Iomraidhean Croise  

آءٌ تو تي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس، جهڙي ڪنهن زناڪار ۽ خون وهائيندڙ عورت تي جاري ڪئي ويندي آهي. آءٌ پنهنجي غصي ۽ غيرت سببان تو کي موت جي سزا ڏيندس.


پر سچار ماڻهو انهن تي اها ئي فتويٰ جاري ڪندا، جيڪا زناڪار ۽ خوني عورتن تي جاري ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ تہ بيشڪ اهي ٻيئي زناڪار آهن ۽ سندن هٿ خون ۾ رنڱيل آهن.


جن هن کي ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو سي کيس موسيٰ، هارون ۽ سڄيءَ قوم وٽ وٺي آيا.


هن سڀني سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو وري هيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.


عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي استاد! هيءَ عورت زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙي ويئي آهي.


جڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ وڃي رهيو ۽ اها عورت بيٺي رهي.


جنهن ڏينهن تي عيسيٰ مٽي آلي ڪئي ۽ اها انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لائي کيس ديد ڏني هئي، سو سبت جو ڏينهن هو. پوءِ جڏهن اهي ماڻهو انهيءَ انڌي مان سڄي ٿيل شخص کي فريسين وٽ وٺي آيا،


انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي قدرت سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“


جيڪڏهن اها عورت مڙس جي جيئري ئي ڪنهن ٻئي مرد سان لاڳاپو رکي ٿي تہ اها زناڪار سڏبي. پر جيڪڏهن سندس مڙس مري وڃي تہ هوءَ شريعت موجب آزاد آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن بہ مرد سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي تہ اها زناڪار نہ سڏبي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan