Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوحنا 8:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو وري هيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ صبح جو سوير وري هيڪل ۾ آيو، ۽ سڀ ماڻهو اچي وٽس مڙيا، ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو وري هيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو ويهي کين سکيا ڏيڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 ۽ صبح جو سوير وري ھيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻھو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ ھو ويھي کين تعليم ڏيڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوحنا 8:2
14 Iomraidhean Croise  

اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


”هن ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ سال گذريا آهن تن ۾ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيندو رهيو آهي، جيڪو مون اوهان کي بار بار پئي ٻڌايو آهي. پر اوهان ٻڌو اڻ‌ٻڌو پئي ڪيو آهي.


هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.


مون بار بار پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن پئي موڪليا جن اوهان کي ٻڌايو تہ ’اهو ڪراهت جهڙو ڪم نہ ڪريو جنهن کان خداوند کي نفرت آهي.‘


پوءِ عيسيٰ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو تعليم ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو.


عيسيٰ ڏينهن جو روزانو هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هو ۽ رات جو شهر کان ٻاهر وڃي زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو هو.


صبح جو سوير هر ڪو ماڻهو سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ وٽس هيڪل ۾ ايندو هو.


پوءِ عيسيٰ ڪتاب بند ڪري موٽائي خدمتگار کي ڏنو ۽ پاڻ ويهي رهيو. عبادت‌خاني ۾ موجود سڀني جون نظرون هن تي کتل هيون.


سو عيسيٰ انهن مان هڪڙيءَ ۾ چڙهي پيو، جيڪا شمعون جي هئي. هن شمعون کي ڪناري کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌِڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي هو ميڙ کي تعليم ڏيڻ لڳو.


عيسيٰ کين چيو تہ ”منهنجو کاڌو اهو آهي تہ آءٌ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضيءَ تي هلندي سندس سونپيل ڪم پورو ڪريان.


عيسيٰ اهي ڳالهيون ان وقت چيون جنهن وقت هو هيڪل ۾ چندي وارين پيتين وٽ تعليم ڏيئي رهيو هو. اتي کيس ڪنهن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ تہ اڃا سندس وقت نہ آيو هو.


تڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين هڪڙي عورت کي آندو جنهن کي زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙيو ويو هو، تنهن کي اڳيان بيهاري


انهيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ تعليم ڏيڻ لڳا. هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي ڪائونسل جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن رسولن کي آڻي حاضر ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan