يوحنا 5:6 - Muslim Sindhi Bible6 جڏهن عيسيٰ کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ هو گھڻي وقت کان وٺي اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ ”ڇا تنهنجي مرضي آهي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“ Faic an caibideilSindhi Bible6 ۽ جڏهن يسوع هن کي اُتي پيل ڏٺو، ۽ خبر پيس تہ هو ڳچ وقت کان اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ تنهنجي مرضي آهي تہ چڱو ڀلو ٿين؟ Faic an caibideilHindu Sindhi Bible6 جڏهن يسوع کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ هو گھڻي وقت کان وٺي اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ ”ڇا تنهنجي مرضي آهي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“ Faic an caibideilCommon Language New Testament6 جڏھن عيسيٰ کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ ھو گھڻي وقت کان وٺي اھڙي حال ۾ آھي، تڏھن چيائينس تہ ”ڇا تنھنجي مرضي آھي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“ Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس، پر هنن دعا ئي نہ گھري. آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن، پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي. اها ئي قوم هئي، جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘
اي يروشلم! خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي. هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي، جيئن ڪو زناڪار ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي، يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي! ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.
وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.