Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوحنا 5:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اتي هڪڙو اهڙو ماڻهو هو، جيڪو اٺٽيهن سالن کان مرض ۾ ورتل هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو، جو اٺٽيهن ورهين کان بيمار پيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 اتي هڪڙو اهڙو ماڻهو هو، جيڪو اٺٽيهن سالن کان مرض ۾ ورتل هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 اتي ھڪڙو اھڙو ماڻھو ھو، جيڪو اٺٽيھن ورھين کان بيمار پيو ھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوحنا 5:5
12 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ ڇوڪري جي پيءُ کان پڇيو تہ ”ڪيتري عرصي کان هن جو هي حال آهي؟“ هُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي هوندي کان وٺي.


تڏهن هيءَ عورت جيڪا ابراهيم جي اولاد مان آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن انهيءَ قيد مان ڇڏائڻ جائز نہ هو ڇا؟“


انهن ۾ هڪڙي اهڙي عورت بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس.


ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري گناهہ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“


جڏهن عيسيٰ کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ هو گھڻي وقت کان وٺي اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ ”ڇا تنهنجي مرضي آهي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“


جيئن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ رستي سان پئي ويو تہ هن هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو ڄائي ڄم کان انڌو هو.


پر اسان کي اها خبر ڪانهي تہ هاڻي ڪيئن هو ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي ۽ ڪنهن هن کي ديد ڏني آهي. اوهين کانئس پڇو. هو عاقل بالغ آهي، پاڻ پنهنجي ڳالهہ ڪندو.“


لسترا ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو جنهن جا پير سڪل هئا. هو ڄائي ڄم کان معذور هو ۽ ڪڏهن بہ پنڌ نہ ڪيو هئائين.


اتي سهڻي نالي دروازي وٽ هڪ ڄائي ڄم کان معذور ويٺو هو، جنهن کي روزانو دروازي وٽ انهيءَ لاءِ ويهاريندا هئا تہ هو هيڪل ۾ ايندڙ ماڻهن کان پني.


جيڪو ماڻهو معجزي سان چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن سالن کان بہ مٿي هئي.


اتي هن اينياس نالي هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏٺو، جيڪو اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ورتل هو ۽ اٺن سالن کان وٺي کٽولي تي پيو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan