Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوحنا 4:3 - Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ ڳالهہ جي ڪري عيسيٰ يهوديہ کي ڇڏي موٽي گليل علائقي ڏانهن روانو ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تڏهن هو يهوديہ مان نڪري وري گليل ڏانهن روانو ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 انهيءَ ڳالهہ جي ڪري يسوع يهوديہ کي ڇڏي موٽي گليل علائقي ڏانهن روانو ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 جڏھن عيسيٰ کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پئي تڏھن يھوديہ کي ڇڏي، موٽي گليل ڏانھن ھليو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوحنا 4:3
11 Iomraidhean Croise  

جڏهن ماڻهو اوهان کي ڪنهن شهر ۾ ستائين تہ اوهين هڪدم ٻئي شهر ڏانهن هليا وڃجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين اسرائيل جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنهنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابنِ آدم اچي پهچندو.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آس‌پاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ عيسيٰ عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.


يروشلم ڏانهن ويندي عيسيٰ گليل ۽ سامريہ جي سرحدي علائقن وچان لنگھيو پئي ويو.


ٻئي ڏينهن تي عيسيٰ گليل علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي پهچي هو فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منهنجي پٺيان هل.“


عيسيٰ موٽي وري اردن درياءَ جي هُن ڀر انهيءَ جاءِ تي ويو، جتي اڳي يحيٰ بپتسما ڏيندو هو. هو اتي رهي پيو.


تنهنڪري عيسيٰ انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻ‌پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي شاگردن سان گڏ رهڻ لڳو.


هي عيسيٰ جو پهريون معجزو هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.


ان کان پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت يهوديہ جي ٻئي علائقي ۾ آيو، جتي هو ساڻن گڏ رهيو ۽ ماڻهن کي بپتسما ڏيڻ لڳو.


هن پاڻ جيڪي ڪجھہ اتي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ڏئي ٿو، پر سندس شاهدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري.


هن جڏهن ٻڌو تہ عيسيٰ يهوديہ کان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن هو عيسيٰ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مهرباني ڪري هلي منهنجي پٽ کي شفا ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو مرڻ تي آهي.“


ان کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan