Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يوحنا 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاهي ڏسي نہ سگھندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 يسوع جواب ڏيئي چيس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو تہ خدا جي بادشاهت ڏسي ڪين سگهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين ايشور جو راڄ ڏسي نہ سگھندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاھت ڏسي نہ سگھندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يوحنا 3:3
32 Iomraidhean Croise  

’اي بي‌عقل ۽ نادانؤ! اوهين جيڪي اکين جي هوندي بہ ڏسو نہ ٿا ۽ ڪنن جي هوندي بہ ٻڌو نہ ٿا، اوهين هيءَ ڳالهہ ڪن ڏيئي ٻڌو.


آءٌ اوهان کي نئين دل عطا ڪندس ۽ اوهان جي اندر ۾ نئون ذهن وجھندس. هائو، آءٌ اوهان جي بدن مان اها ضدي دل ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهان کي هڪڙي مڪمل فرمانبردار دل عطا ڪندس.


عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آهين، ڇاڪاڻ تہ هيءَ حقيقت ڪنهن انسانذات نہ، پر منهنجي پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن تو تي ظاهر ڪئي آهي.


آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“


هاڻي اوهين ٻڌايو تہ هنن ٻنهي مان ڪنهن پنهنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ڪسبياڻيون ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ اوهان کان اڳي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿين ٿا.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين زمين ۽ آسمان باقي آهن، تيستائين شريعت جو هڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ منسوخ نہ ٿيندو، تان جو سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿي نہ وڃن.


جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.


جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي گمراهہ ڪري تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان دوزخ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿئين.


اهي رواجي طرح جسماني خواهش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنهنجو ٻار بڻايو.


روشني اوندهہ ۾ چمڪي ٿي ۽ اوندهہ ڪڏهن بہ روشنيءَ تي غالب نہ ٿي آهي.


پوءِ عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جي ملائڪن کي ابنِ آدم تي نازل ٿيندو ۽ مٿي ويندو ڏسندا.“


”مون خدا انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


نيڪديمس چيس تہ ”ڪو ماڻهو وري ٻيهر ڪيئن پيدا ٿي سگھندو؟ اهو بلڪل ناممڪن آهي جو هو ٻيهر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ وري پيدا ٿئي.“


اهي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن دنيا جو معبود ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آهي، تنهن جي عظمت جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


مطلب تہ جيڪو بہ مسيح ۾ آهي سو نئون خلقيل آهي. پراڻي زندگي گذري ويئي، ڏسو، نئين زندگي شروع ٿي ويئي آهي.


انهيءَ ڪري طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر اهم ڳالهہ نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


گذريل وقت ۾ اوهين پنهنجين نافرمانين ۽ گناهن جي ڪري مئل هئا.


پر خداوند اوهان کي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجھي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.


تڏهن هن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اهو سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس رحم جي ڪري مليو. هائو، هن اسان کي انهيءَ پاڪ روح جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو، جنهن اسان کي روحاني طور ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئين زندگي عطا ڪئي.


پر جيڪا ڏاهپ آسمان کان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ رحم ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري رياڪاري.


شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن پنهنجي وڏي رحمت سان عيسيٰ مسيح جي مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان ۾ هڪ جيئري اميد پيدا ڪئي ويئي


جيئن تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح سچار آهي، تہ پوءِ اوهين اهو بہ پڪ ڄاڻو تہ جيڪو بہ سچائيءَ جا ڪم ٿو ڪري تنهن کي خدا پنهنجو ٻار بڻايو آهي.


جيڪو خدا جو ٻار آهي سو گناهہ نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ خدا جي فطرت منجھس رهي ٿي. هائو، جيئن تہ هو خدا جو ٻار بڻيو آهي تنهنڪري هو گناهہ ڪري ئي نہ ٿو سگھي.


جنهن جو اهو ايمان آهي تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي، سو خدا جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن دنيا ۾ جيڪو ڪنهن پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


اسين ڄاڻون ٿا تہ جن کي خدا پنهنجو ٻار بڻايو آهي، سي گناهہ نہ ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ سندن حفاظت اهو ٿو ڪري جيڪو خدا جو فرزند آهي. سو شيطان کين هٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو بہ خدا جو ٻار بڻيو آهي، سو دنيا تي فتح حاصل ڪري ٿو. اها فتح جنهن اسان کي دنيا تي فاتح ڪيو آهي سا آهي اسان جو ايمان.


هن مون کي لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو آمين، يعني وفادار ۽ سچو شاهد آهي ۽ جنهن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan