Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 9:22 - Muslim Sindhi Bible

22 خداوند مون کي هي اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ’ماڻهن جا لاش کُليل ميدان ۾ گند ڪچري وانگر پکڙيا پيا هوندا، جيئن ڪنهن لاباري ڪندڙ جي پويان اناج جا تِيلا ڪريا پيا هوندا آهن، جن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو نہ هوندو آهي.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ماڻهن جا مڙهہ کليل ميدان تي ائين ڪرندا جيئن ڇيڻا، ۽ جيئن لاباري ڪندڙ جي پٺيان ڪريل سٽا، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪين ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 9:22
17 Iomraidhean Croise  

حزقياہ انهن ايلچين جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هنن کي پنهنجي قيمتي شين جو اهو گدام ڏيکاريائين، جنهن ۾ چاندي، سون، مصالحا ۽ قيمتي عطر موجود هئا. هن کين پنهنجا اسلح خانا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريو. مطلب تہ شاهي محل توڙي سڄيءَ بادشاهت ۾ ڪابہ اهڙي شيءِ نہ رهي جيڪا هنن کي ڏيکاري نہ ويئي.


يسعياہ کانئس پڇيو تہ ”هنن تنهنجي محل ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟“ حزقياہ وراڻيو تہ ”منهنجي محل ۾ جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ هنن ڏٺو آهي. منهنجي خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي، جيڪا مون هنن کي نہ ڏيکاري هجي.“


ايزبل جو لاش يزرعيل جي زمين تي گند ڪچري وانگر پيو هوندو ايتري قدر جو ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھندو تہ هيءَ ايزبل آهي.‘“


هو ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي، هائو، هو اهڙن ماڻهن جي ٺڳين کي ابتو ڪري ڇڏي ٿو.


تن مان ڪنهن کي بہ طاقت ناهي جو پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي سگھي، ۽ نہ وري کيس اها طاقت آهي جو خدا کي پنهنجو عيوضو ڏيئي سگھي.


اهي عين‌دور واريءَ جاءِ تي برباد ٿي ويا هئا، ڄڻڪ زمين جو گند ڪچرو ٿي ويا هئا.


پر دولتمند ماڻهوءَ جي نظر ۾ دولت ئي سندس لاءِ مضبوط قلعو ۽ ڪوٽ وارو شهر آهي.


دولتمند بڻجڻ لاءِ پاڻ کي پريشان نہ ڪريو، اهڙيءَ سوچ کان پنهنجو پاڻ کي باز رکو.


تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا.


انهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين خداوند جا ڪٺل پکڙيا پيا هوندا. انهن تي ماتم ڪرڻ وارو يا کين گڏ ڪري دفنائڻ وارو ڪوبہ نہ هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا.


تنهنڪري آءٌ هن قوم جي اڳيان طرح طرح جون ٿاٻو ڏيندڙ شيون رکندس. انهن تي پيئر ۽ پٽ هڪجهڙو ٿاٻڙبا ۽ پاڙيسري ۽ دوست سڀ گڏ ناس ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ هن قوم جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻجي پوندا ۽ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هوندو جيڪو انهن پکين ۽ جھنگلي جانورن کي اتان هڪالي ڪڍي.


سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.


پوءِ هو واچوڙي وانگر سڀڪجھہ ٻهاريندا گذري ٿا وڃن، اهي ڏوهاري پنهنجي قوت کي ئي پنهنجو خدا ٿا سمجھن.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بني آدم تي ايتري مصيبت آڻيندس، جو هو انڌن وانگر ٿيڙ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. هنن جو رت پاڻيءَ وانگر وهايو ويندو، ۽ سندن لاش زمين تي ڳرندا ۽ سڙندا رهندا.


خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ چئو تہ ’اسان کي پنهنجيءَ طاقت ۽ پنهنجي هٿن جي زور جي وسيلي ئي هيءَ دولت حاصل ٿي آهي.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan