Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 9:17 - Muslim Sindhi Bible

17 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”سوچو تہ هاڻ ڇا ٿيندو! ماتمي عورتن کي گھرايو، بلڪ انهيءَ ڪم ۾ اڃا بہ وڌيڪ ماهر عورتن کي گھرايو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين ويچار ڪريو ۽ ماتم ڪندڙن زالن کي گهرايو تہ اچن؛ ۽ هوشيار زالن کي بہ سڏايو تہ اچن:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 9:17
12 Iomraidhean Croise  

يرمياہ يوسياہ لاءِ هڪڙو مرثيو ٺاهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين سڀ ڳائڻا ۽ ڳائڻيون انهيءَ مرثئي سان کيس ياد ڪندا آهن ۽ اها بني اسرائيل ۾ هڪ روايت پئجي ويئي. اهو مرثيو ٻين مرثين سان گڏ لکت ۾ موجود آهي.


جيڪي لعنتي ڪري ڇڏڻ جي طاقت ٿا رکن، شل اهي انهيءَ رات کي لعنتي ڪري ڇڏين، يعني اهي ئي جادوگر، جيڪي ازدها بلا کي بہ پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿا سگھن.


اوهين مٿاهين تي چڙهڻ کان ڊڄندا ۽ عام رستن تي هلڻ کان بہ خوف کائيندا. اوهان جا وار ڦري اڇا ٿي پوندا، جيئن بادامين جو ٻور هوندو آهي. اوهين پوڙهيءَ تڏ وانگر پاڻ کي گهليندا وتندا ۽ اوهان کي ڪابہ خواهش نہ رهندي. بيشڪ اسان مان هر ڪو پنهنجي ابدي گھر ڏانهن هليو ويندو ۽ پوءِ اوهان تي روئڻ پٽڻ وارا گھٽين ۾ پيا ايندا ويندا.


اي يروشلم وارؤ! سوڳ وچان پنهنجا وار ڪوڙي اڇلايو، ٽڪرين تي آہ وَ زاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي موجودہ پيڙهي خداوند جي ڪاوڙ هيٺ آهي، جنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي.


پروردگار دشمن بڻجي ويو آهي، ۽ اسان جي ملڪ کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو اٿس. هائو، هن اسان جا سڀيئي محلات ۽ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن. هن يهوداہ جي پياري ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم ۽ روڄ راڙو وجھي ڇڏيو آهي، جيڪو ختم نہ ٿو ٿي سگھي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون صور شهر تي مرثيو ڳاءِ.


اهو ئي مرثيو آهي جنهن سان ماتم ڪيو ويندو. هائو، ٻين قومن جون عورتون مصر، توڙي ان جي سڀني رهاڪن جي موت تي اهو مرثيو چوندي ماتم ڪنديون. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


اي اسرائيل وارؤ! مون عاموس جو هي مرثيو اوهان لاءِ آهي، سو ٻڌو.


جڏهن اهو وقت ايندو، تڏهن ماڻهو اوهان جي آيل آفت تي ٺٺوليون ڪندي اوهان جي پاران هي دردناڪ مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’افسوس! اسين امير برباد ٿي وياسين، اسين بلڪل لٽجي وياسين. خداوند اسان جو ملڪ اسان کان کسي ورتو آهي. هائو، هن اسان جون ٻنيون اسان تي قبضو ڪندڙن کي ورهائي ڏنيون آهن.‘“


پوءِ جڏهن عيسيٰ انهيءَ اڳواڻ جي گھر پهتو تڏهن ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو آهي.


جڏهن اهي يائرس جي گھر وٽ پهتا تہ عيسيٰ ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آهي ۽ ماڻهو ڏاڍيان روئن پٽين پيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan