Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:6 - Muslim Sindhi Bible

6 مون ڌيان سان ٻڌو آهي، پر اوهان مان ڪوبہ سچ نہ ٿو ڳالهائي. ڪوبہ ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي ۽ ائين نہ ٿو چوي تہ ’هاءِ! هي مون ڇا ڪيو؟‘ بلڪ هر ڪو پنهنجي بڇڙائيءَ واري واٽ وٺيو پيو ٿو هلي، جيئن ڪو گھوڙو جنگ ۾ ڊوڙندو ئي رهندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 مون ڌيان ڏئي ٻڌو، پر هنن سچ نہ ڳالهايو: ڪوبہ ماڻهو پنهنجي شرارت کان پشيمان نٿو ٿئي، ۽ نٿو چوي تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ سڀڪو پنهنجي رستي ڏانهن ٿو ڦري جيئن ڪو گهوڙو جنگ ۾ ڏاڍي ڇوهہ سان ڊوڙندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:6
24 Iomraidhean Croise  

’اي خدا! مون کي ڏوهاري قرار نہ ڏي، مون کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙي سبب تون مون سان وڙهين ٿو؟


سو اي ايوب! تون پنهنجا گناهہ خدا آڏو ڇو نہ ٿو باسين؟ ڇو نہ ٿو واعدو ڪرين تہ وري گناهہ نہ ڪندين؟


ڇا تو خدا کي چيو آهي تہ هو تو کي تنهنجا عيب ڏيکاري؟ ڇا تو مڃيو آهي تہ ’آءٌ وري اهڙو ڏوهہ ڪين ڪندس؟‘


خداوند عرش عظيم تان هيٺ بني آدم تي نگاهہ ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ جو هو ڏسي تہ ڇا ڪو سمجھو ۽ سندس طالب آهي.


تڏهن بہ خداوند کي اهو انتظار آهي، تہ هو اوهان تي رحم ڪري. هائو، هو اوهان تي مهربان ٿيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو. بيشڪ خداوند عادل آهي، ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا تن کي برڪتن سان نوازي ٿو.


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


بلڪ هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو، تہ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو انهن مظلومن جي مدد ڪري. تڏهن ارادو ڪيائين تہ هو پنهنجي زورآور هٿ سان انهن کي بچائيندو، ۽ پنهنجي سچائيءَ مطابق کين سوڀ ڏياريندو.


منهنجي نالي ۾ هو جيڪو ڪوڙو پيغام ڏين ٿا سو مون ٻڌو آهي. هنن مان هر ڪو چوي ٿو تہ ’مون کي خواب ۾ خدا جو پيغام مليو آهي! مون کي رويا ملي آهي!‘


پوءِ تون هميشہ لاءِ مون سان ڪاوڙيل رهندين ڇا؟‘ اي اسرائيل ملڪ جي قوم! تو ائين بہ چيو آهي، پر تو کان جيڪا بڇڙائي پڳي آهي سا بہ ڪندي رهي آهين.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين يروشلم جون گھٽيون گھمي جاچي ڏسو، چونڪن ۾ تلاش ڪري ڏسو. جيڪڏهن اوهان کي ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو ملي، جيڪو ايمانداريءَ واري هلت ڪندو هجي ۽ حق سچ جو ڳولائو هجي، تہ پوءِ آءٌ يروشلم شهر کي معاف ڪري ڇڏيندس.


جيئن تہ هو سوچي سمجھي پنهنجي سڀني ڪيل گناهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهنڪري هو يقيناً جيئرو رهندو ۽ موت جي سزا نہ لوڙيندو.


مون انهن منجھہ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي گھڻي ڳولا ڪئي، جيڪو ڪوٽ جي مرمت ڪري يعني اهو کين گناهہ ڪرڻ کان خبردار ڪري يا وري ڀڳل ٽٽل ڀت تي کڻي بيهي يعني اهو مون خداوند آڏو پڪاري تہ جيئن منهنجي قوم منهنجي ايندڙ غضب کان محفوظ رهي سگھي ۽ برباد نہ ٿئي، پر مون کي منجھن اهڙو ڪوبہ نہ مليو.


هائو، اسان سڄي بني اسرائيل وارن تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي ۽ تنهنجي فرمانبرداريءَ جو انڪار ڪندي ڦري ٻئي پاسي ٿيا آهيون. تنهنڪري تنهنجي اها قسم واري لعنت اسان تي اچي پيئي آهي، جيڪا تنهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.


پوءِ مون سوچيو تہ يقيناً يروشلم وارا اهو ڏسي منهنجو خوف رکندا ۽ پنهنجو سڌارو قبول ڪندا. تڏهن منهنجيون سزائون هنن تي اچي نہ پونديون، نڪي سندن آبادي ختم ڪئي ويندي. تنهن هوندي بہ هنن کي اڃا شوق آهي تہ هو بڇڙا ڪم ڪندا رهن، جيئن اڳي ڪيا اٿائون.“


سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي حال تي غور ڪريو.


سو اوهين انهن ڳالهين تي غور ڪريو تہ ائين ڇو ٿو ٿئي.


تڏهن جيڪي خداوند کان ڊپ رکڻ وارا هئا تن پاڻ ۾ گفتگو ڪيو، جيڪو خداوند ٻڌي ورتو. پوءِ خداوند جي حضور ۾ انهن جي يادگيريءَ لاءِ ڪتاب لکيو ويو جنهن ۾ انهن خداوند جو خوف رکندڙن ۽ کيس تعظيم ڏيندڙن جا نالا هئا.


خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جهڙي دير ڪي ماڻهو سمجھن ٿا. پر هو اوهان جي خاطر صبر ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين.


جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan