Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:4 - Muslim Sindhi Bible

4 خداوند مون کي پنهنجي قوم لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”جيڪڏهن ڪو ڪري پوندو آهي تہ اهو وري اٿندو ناهي ڇا؟ جيڪڏهن ڪو پنهنجو رستو وڃائي ويهندو آهي تہ هو وري ان تي موٽندو ناهي ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 انهي کان سواءِ تون هنن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ماڻهو ڪرندا ۽ وري نہ اُٿندا ڇا؟ ڪو ڦري ويندو ۽ وري نہ موٽندو ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:4
15 Iomraidhean Croise  

تہ تون ماڻهن جي دعا ٻڌج. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا تنهنجي سڄي بني اسرائيل قوم ڏکايل دل سان دعا يا دانهن ڪري پنهنجا هٿ هن گھر ڏانهن کڻي،


توڙي جو ايماندار ماڻهو بار بار ڪِري پوي، تہ بہ هو وري اُٿي کڙو ٿيندو. مگر جڏهن بدڪار ماڻهن تي آفت اچيو ڪڙڪي، تڏهن اهي منهن ڀر وڃيو ڪرن.


مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن. سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو تبديل ڪن، ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجا خيال بدلائين. اهي خداوند، اسان جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿين، تہ هو مٿن رحم ڪندو. بيشڪ اهو بيحد معاف ڪندڙ آهي.


يروشلم جي نبي سڏائيندڙن ۾ مون وري انهن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي جو هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙ تي ٿا گذر ڪن. هو بدڪارن جا هٿ مضبوط ٿا ڪن، تان جو ڪوبہ پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي. سو سڀيئي يروشلم وارا منهنجي نظر ۾ سدوم ۽ عموراہ جي بدڪارن جهڙا آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟


اي ڦري ويل قوم وارؤ! خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، هو اوهان جي گمراهيءَ جو علاج ڪندو. اوهين هي چئو تہ ”اسين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هو ئي خداوند، اسان جو خدا آهي.


ٿي سگھي ٿو جڏهن يهوداہ وارا ان سڄي مصيبت بابت ٻڌن جيڪا آءٌ مٿن آڻڻ جو ارادو رکان ٿو، تڏهن اهي سڀيئي پنهنجي بڇڙين واٽن کان مڙي پون. پوءِ آءٌ انهن جي بڇڙائي ۽ گناهہ معاف ڪري ڇڏيندس.“


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! جيڪڏهن اوهين توبهہ ڪندءُ، هائو، جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندءُ، جيڪڏهن اوهين انهن نفرت ڏياريندڙ بتن کي پنهنجي اڳيان هٽائي ڇڏيندءُ، منهنجا فرمانبردار ٿيندءُ،


ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ خداوند خدا بدڪارن کي موت جي سزا ڏيندي خوش ٿو ٿيان؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ منهنجي خوشي تہ انهيءَ ۾ آهي تہ هو پنهنجي بري راهہ کان باز اچي ۽ جيئرو رهي.


اي اسرائيل وارؤ! اوهان جي بدڪاريءَ ئي اوهان کي ٿاٻو ڏيئي ڪيرايو آهي، تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.


اچو تہ خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.


اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن، ۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي. تنهن هوندي بہ هو مون خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ڪين ٿا ٿين، ۽ ڪنهن بہ صورت ۾ هو منهنجا طالبو نہ ٿا ٿين.


اي اسرائيل جي وسندي! تون هڪ اهڙيءَ ڪنواريءَ مثل آهين، جيڪا ڪري پيئي آهي ۽ وري ڪڏهن ڪين اٿندي. هائو، تون ڌرتيءَ تي لاچار ٿي پيئي آهين، ۽ ڪوبہ ڪونهي جيڪو تو کي اچي اٿاري.


اي اسان جا دشمنؤ! اسان جي مشڪلاتن تي خوشيون نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اسين ڪري پيا آهيون، تڏهن بہ خدا اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو. ڀلي کڻي هن وقت اسين اونداهيءَ ۾ آهيون، پر خداوند اسان کي روشني عطا ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan