Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:21 - Muslim Sindhi Bible

21 منهنجي قوم کي ايذاءُ رسيو آهي، ڄڻ تہ آءٌ ايذايو ويو آهيان. آءٌ ڏکويل ٿي پيو آهيان ۽ منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 پنهنجيءَ قوم جي ڌيءَ جي ايذاءُ ڪري مون کي ايذاءُ رسيو آهي: آءٌ ڏکي ٿي پيو آهيان؛ مون کي حيراني وٺي وئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:21
14 Iomraidhean Croise  

پر مون بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت! منهنجو منهن ڇو نہ لٿل هجي، جڏهن تہ اهو شهر جنهن ۾ منهنجا ابا ڏاڏا دفن ٿيل آهن، سو ويران ڪيو ويو آهي ۽ ان جا دروازا ساڙيا ويا آهن؟“


خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ يهوداہ وارن بابت پنهنجي ڏک جو اظهار ڪريان تہ ”منهنجيون اکيون رات ڏينهن لڳاتار ڳوڙها ٿيون ڳاڙين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم، جيڪا خداوند جي ڪنواري ڌيءَ مثل آهي، تنهن کي هڪ وڏو زخم، هڪ وڏي چوٽ رسي آهي.


”يهوداہ جا رهاڪو روڄ راڙو ڪن ٿا. خشڪ ساليءَ سبب سندن شهرن تي ويراني ڇانيل آهي. هو ڪارا ڪپڙا پهريو خاڪ تي پيا آهن ۽ يروشلم مان دانهون ٿيون اٿن.


پر اي خداوند! مون تہ ڪڏهن بہ تو تي زور نہ ڏنو آهي تہ ”تون هنن تي ڪا مصيبت آڻ.“ مون تہ ڪڏهن بہ هنن لاءِ مصيبت جي ڏينهن جي خواهش نہ ڪئي آهي. جيڪي منهنجي واتان نڪتو هو سو تون ڄاڻين ٿو.


هاءِ منهنجي دل! هاءِ منهنجي دل! منهنجي دل ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. منهنجي دل ڏاڍي تڙپي ٿي! مون کان ماٺ ٿي نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ نفيلن جو آواز ۽ جنگ جا نعرا ٻڌان ٿو.


ماڻهو دانهون ڪندي چون ٿا تہ ”بهار ۽ اونهارو آيا بہ، ۽ اهي گذري بہ ويا، پر اڃا تائين اسان کي ڇڏايو نہ ويو آهي.“


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان، جن تي خدا پنهنجي غضبناڪ لٺ سان عذاب نازل ڪيو.


انهن جي آڏو خوف وچان ماڻهو ڏڪڻ لڳندا. هائو، انهن کي ڏسي ماڻهن جا منهن پيلا ٿي ويندا.


هاڻي شهر لٽيو ڦريو ويو آهي ۽ خالي ڪيو ويو آهي! شهر وارن جون دليون هارجي ويون آهن ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي اٿن، جسم ۾ ڪنبڻي اٿن ۽ منهن ڦڪا ٿي ويا اٿن.


جڏهن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan