Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ماڻهو دانهون ڪندي چون ٿا تہ ”بهار ۽ اونهارو آيا بہ، ۽ اهي گذري بہ ويا، پر اڃا تائين اسان کي ڇڏايو نہ ويو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 فصل لهي ويا آهن، اونهارو اچي پورو ٿيو آهي، پر اسان کي ڇوٽڪارو ڪونہ مليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:20
7 Iomraidhean Croise  

جيڪو وقت تي فصل ميڙي گڏ ڪري ٿو رکي سو ڏاهو آهي، مگر جيڪو انهيءَ وقت سمهي ننڊون ٿو ڪري، سو خوار خراب ٿو ٿئي.


ٻڌو، منهنجي قوم جي دانهن جو آواز پوري ملڪ ۾ گونجي ٿو تہ ”ڇا خداوند صيئون مان هليو ويو آهي؟ ڇا هاڻي هو صيئون جو بادشاهہ ناهي رهيو؟“ خداوند ورندي ٿو ڏئي تہ ”مون اوهان کي ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي، جو اوهين پنهنجين اُڪريل مورتين ۽ ڌارين بيڪار بتن کي پوڄي مون کي چڙ ٿا ڏياريو.“


منهنجي قوم کي ايذاءُ رسيو آهي، ڄڻ تہ آءٌ ايذايو ويو آهيان. آءٌ ڏکويل ٿي پيو آهيان ۽ منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي.


جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘


اهي تو کي ۽ تنهنجي رهاڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا ۽ تو ۾ سِر سِر تي رهڻ نہ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏهن خدا تو کي بچائڻ لاءِ تو تي مِهر جي نظر ڪئي هئي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan