18 منهنجو ڏک حد کان ٻاهر آهي، منهنجي دل اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي!
18 شل ڏک کان آءٌ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهان! منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي.
اي خداوند! منهنجي جلدي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. تون مون کان منهن نہ موڙ، متان آءٌ مئلن جيان قبر ۾ وڃي پوان.
اهو سڀ ڏسي مون چيو تہ ”آہ! مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، تانتہ آءٌ پنهنجي قوم جي برباديءَ تي زاروزار روئان رڙان. اوهين مون کي ڪا تسلي ڏيڻ جي ڪوشش نہ ڪريو.“
نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين جي ڪري منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي، ڇو تہ خداوند جي ڪاوڙ ۽ سندس پاڪ فرمان ۾ ٻڌايل سزا سبب منهنجا سمورا لڱ ڏڪن ٿا. آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جيان مدهوش ٿي ويو آهيان، جيڪو مئي ۾ الوٽ هجي.
هاءِ منهنجي دل! هاءِ منهنجي دل! منهنجي دل ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. منهنجي دل ڏاڍي تڙپي ٿي! مون کان ماٺ ٿي نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ نفيلن جو آواز ۽ جنگ جا نعرا ٻڌان ٿو.
يروشلم وارا چون ٿا تہ ”اسان هنن جي هاڪ ٻڌي آهي، ان ڪري اسان جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا آهن. اسان کي ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي ۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو آهي.
ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.
انهيءَ ڪري اسان جون دليون ڏاڍيون غمگين آهن، ۽ اسان جي اکين اڳيان ڌنڌ ڇائنجي ويو آهي.
مون اهو ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، آواز ٻڌڻ سان منهنجا چپ ڪنبڻ لڳا، منهنجا هڏا ڳرڻ لڳا ۽ منهنجيون ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. آءٌ هاڻ ان بابلي قوم تي اچڻ واري مصيبت جي انتظار ۾ آهيان، جيڪا قوم اسان تي ڪاهيو پيئي اچي.