Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:17 - Muslim Sindhi Bible

17 خداوند ٿو فرمائي تہ ”خبردار ٿجو، آءٌ اوهان منجھہ اهڙا زهريلا نانگ موڪليندس، جن تي ڪو منتر اثر نہ ڪندو، ۽ اُهي اوهان کي ڏنگي وجھندا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اوهان ۾ اهڙا نانگ ۽ سپ موڪليندس، جن کي منڊ لڳي نہ سگهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي اوهان کي ڏنگيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:17
9 Iomraidhean Croise  

اي خدا! تون انهن وحشي بگھڙن جي وات منجھہ ئي انهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ. هائو، اي خداوند! تون انهن جون ڏاٺون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪر.


جيڪڏهن نانگ مدو مقرر ڪرڻ کان اڳ ۾ جوڳيءَ کي ڏنگي ٿو وجھي، تہ پوءِ انهيءَ جوڳيءَ کي مدو مقرر ڪرڻ مان ڪوبہ فائدو نہ پهچندو.


”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي.


اهو تہ اهڙو آهي، جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڄي تہ رڇ منهن ۾ پويس، يا وري جيئن ڪو گھر ۾ وڃي ڀت تي هٿ رکي تہ نانگ ڏنگي وجھيس.


جيڪڏهن هو پاڻ کي ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان کين ڳولي ڪڍندس. جيڪڏهن هو سمنڊ جي تري ۾ بہ وڃي پاڻ کي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان جي سامونڊيءَ بلا کي حڪم ڏيندس تہ هوءَ کين ڏنگي وجھي.


تڏهن خداوند انهن ماڻهن ۾ تمام زهريلا نانگ موڪليا. انهن نانگن کين ڏنگيو ۽ بني اسرائيل مان گھڻا ئي ماڻهو مري ويا.


اهي بکن کان ڳرندا ويندا ۽ تپ ۽ وبا سان ڀسم ٿيندا. آءٌ انهن تي جھنگلي جانورن جا ڏند بڇي ڇڏيندس، ۽ ڌرتيءَ تي سرندڙ جيتن جو زهر ڏانهن موڪلي ڏيندس.


انهن گھوڙن جو زور نہ رڳو سندن واتن ۾، بلڪ سندن پڇن ۾ بہ هو، ڇاڪاڻ تہ انهن جا پڇ نانگن جهڙا هئا. انهن پڇن ۾ سسيون هيون، جن سان ماڻهن کي ايذاءَ ٿي ڏنائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan