يرمياہ 8:16 - Muslim Sindhi Bible16 ڇاڪاڻ تہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ دشمنن جا گھوڙا دان شهر ۾ پهچي ڦوڪارين پيا. هائو، هنن جي جنگي گھوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄي ملڪ کي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي. اهي دشمن ان لاءِ آيا آهن تہ اهو ملڪ ۽ جيڪي منجھس آهي ۽ شهر ۽ جيڪي منجھن رهن ٿا تن سڀني کي ڳهي وڃن.“ Faic an caibideilSindhi Bible16 هن جي گهوڙن جو ڦوڪارو دان مان پيو ٻڌجي: هن جي مضبوط گهوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄو ملڪ ڏڪي ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهتا آهن؛ ۽ اهو ملڪ ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر ۽ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا؛ هو سڀ ڳهي ويا آهن. Faic an caibideil |
هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“