Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:13 - Muslim Sindhi Bible

13 خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس. اهي انگور جي اهڙي ول جيان ٿيندا، جنهن ۾ ڪو انگور نہ بچيو هجي. اهي انجير جي اهڙي وڻ جيان ٿيندا، جنهن ۾ ڪو انجير نہ بچيو هجي ۽ جنهن جا پن بہ سڪي سڙي ويندا. جيڪي ڪجھہ مون کين ڏنو آهي، سو سڀ کانئن کسيو ويندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس: ڊاک جي وڻ تي ڊاک نہ ٿيندي، ۽ انجير جي وڻ تي انجير نہ ٿيندا، ۽ پن بہ سڪي سڙي ويندا؛ ۽ جيڪي شيون مون هنن کي ڏنيون آهن سي هنن وٽان هليون وينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:13
25 Iomraidhean Croise  

ڏهن ايڪڙن جي انگورن جي باغ مان ڏهہ ليٽر مئي بہ نہ نڪرندي، هڪ ٻوري اناج جي ٻج مان هڪڙي تغاري بہ اناج پيدا نہ ٿيندو.“


جيتوڻيڪ هو روزا رکندا تہ بہ آءٌ سندن دانهن نہ ٻڌندس. توڙي جو هو ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون پيش ڪندا تہ بہ آءٌ اهي کانئن قبول نہ ڪندس. اٽلندو آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان کين ناس ڪري ڇڏيندس.“


تنهنڪري هي نبي سڏائيندڙ، جن کي مون ڪين موڪليو آهي ۽ جيڪي منهنجي نالي تي ماڻهن کي چون ٿا تہ ’ڪابہ جنگ يا ڏڪار هن ملڪ ۾ ڪين ايندو،‘ تن بابت مون خداوند جو فرمان آهي تہ اهي ساڳيا نبي سڏائيندڙ پڻ جنگ ۽ ڏڪار ذريعي ناس ڪيا ويندا.


اهي انهيءَ وڻ وانگر ٿيندا، جيڪو نديءَ جي ڀرسان پوکيل هجي، ۽ جنهن جون پاڙون هيٺ پاڻيءَ تائين ٿيون پهچن. ان کي گرميءَ جي اچڻ جو ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي، انهيءَ جا پن سدائين ساوا رهندا آهن. اهو سدائين ميوو ڏيندو رهندو آهي، سو خشڪ ساليءَ ۾ بہ انهيءَ کي ڪا ڳڻتي نہ هوندي آهي.“


هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“


تنهنڪري آءٌ پنهنجي ڪاوڙ انهن تي ڇنڊيندس ۽ پنهنجي غضب جي باهہ سان کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندس. آءٌ سندن عمل سندن ئي سر تي آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


آءٌ سندس اهي انگورن جا باغ، ۽ انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جن بابت هن چيو آهي تہ ’هي منهنجي يارن جو ڏنل عيوضو آهن.‘ آءٌ انهن باغن کي جھنگ بڻائي ڇڏيندس، جن کي جھنگلي جانور برباد ڪري ڇڏيندا.


انهيءَ ڪٽڪ اسان جي انگورن جا باغ اجاڙي ڇڏيا آهن، ۽ اسان جي انجيرن جا وڻ ڀڃي وڌا آهن. وڻن جا ڇوڏا بہ لاهي اڇلايا اٿن، ايتري قدر جو ٽاريون بلڪل اڇيون نظر اچن ٿيون.


اوهان جو سخت پورهيو بي‌فائدو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زمين فصل پيدا ڪانہ ڪندي، نڪي وري باغن جا وڻ ئي ڪو ميوو ڏيندا.


جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي انگورن جي ول ۾ ڪو انگور هوندو، جيتوڻيڪ زيتون جو فصل نہ ٿيندو، ۽ ٻنيون اناج پيدا نہ ڪنديون، جيتوڻيڪ واڙن ۾ ڌڻ نہ لڀندو، ۽ نہ وٿاڻن ۾ چوپايو مال ئي هوندو،


منهنجي حڪم سان ئي اوهان جي ملڪ ۾ خشڪ سالي آئي آهي. هائو، اوهان جي جبلن مان، پوک وارين ٻنين مان، انگورن ۽ زيتون جي باغن مان، زمين جي هر فصل ۽ پيداوار مان، انسانن توڙي جانورن مان، اوهان جي هر پورهئي مان، بلڪ هر شيءِ مان برڪت کسي ويئي آهي.‘“


اهو انهيءَ ڪري هو جو مون جھولي، سينوَر ۽ ڳڙن موڪلڻ سان اوهان جي سڄي پيداوار کي برباد ڪري ٿي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


آءٌ اوهان جي خاطر ماڪڙ کي اوهان جي زمين جي پيدائش برباد ڪرڻ نہ ڏيندس، نڪي وري اوهان جي انگورن جو ڦر ڪچو زمين تي ڪرندو.


هن رستي جي ڀر ۾ هڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانهن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن هئا. تنهن تي هن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏهن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏهن اهو وڻ هڪدم سڪي ويو.


هن ڪري جو جڏهن سج جي تيز اُس ان ٻوٽي تي پوي ٿي ۽ ان کي سڪائي ٿي ڇڏي، تڏهن انهيءَ جو گل ڇڻيو پوي ۽ خوبصورتي ختم ٿيو وڃيس. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻهو بہ دولت جي پٺيان لڳي برباد ٿي ويندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan