Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:10 - Muslim Sindhi Bible

10 انهيءَ ڪري آءٌ سندن زالون ٻين کي ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون ٻين جي قبضي ۾ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تنهن ڪري آءٌ هنن جون زالون ٻين کي ڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون انهن کي ڏيندس جي انهن جا مالڪ ٿيندا: ڇالاءِ جو تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين هو لالچي آهن، ۽ نبي کان وٺي ڪاهن تائين اُهي سڀ ڪوڙ سان واهپو ٿا رکن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:10
28 Iomraidhean Croise  

تہ پوءِ ڀلي منهنجي زال ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي حوالي ڪئي وڃي، ۽ ڌاريا مرد ساڻس سمهن.


ڪاهن توڙي نبي سڏائيندڙ بہ مئي جي ڪري ڀلجي ويا آهن. اهي نشي وارين شين ۾ غرق ٿي ٿاٻڙبا ٿا وتن. سو اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


تڏهن خداوند مون کي وراڻي ڏني تہ ”اهي نبي سڏائيندڙ منهنجي نالي تي ڪوڙو پيغام ڏين ٿا. مون انهن کي نڪي موڪليو آهي، نڪي کين ڪو حڪم ڏنو اٿم ۽ نہ وري مون ساڻن ڳالهايو ئي آهي. اهي ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون، ڪوڙيون فالون ۽ پنهنجيون ٺڳيءَ سان ٺاهيل ڳالهيون ٿا ٻڌائين.


جڏهن آءٌ ٻهراڙيءَ ڏانهن نڪري ٿو وڃان تہ آءٌ انهن کي ڏسان ٿو جيڪي جنگ ۾ ماريا ويا آهن. جڏهن آءٌ شهر ۾ اچان ٿو تہ ڏڪار سبب مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتلن کي ڏسان ٿو. نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن وائڙن وانگر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن، کين ڪابہ خبر نہ ٿي پوي تہ قوم سان هي ڇا ٿي رهيو آهي.“


جيڪي ماڻهو ناجائز طريقن سان دولت گڏ ڪن ٿا، سي ان تتر وانگر آهن، جيڪو ٻين جي آنن مان ٻچا ڦوڙي ٿو، پر پوءِ اهي ٻچا کيس ڇڏي هليا ٿا وڃن. ساڳيءَ طرح انهن ماڻهن جي هٿ ڪيل دولت بہ سندن اڌ عمر ۾ ئي ساٿ ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ اهي بي‌وقوفن مان ليکبا.


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


هائو، بني اسرائيل جون بدڪاريون ايتريون ئي وڌي ويون آهن. يروشلم وارن، بلڪ سڄي يهوداہ وارن پنهنجي بادشاهن، عملدارن، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن سميت مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.


جيڪي عورتون تو يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ بچيل آهن سي سڀ بابل جي بادشاهہ جي سالارن جي حوالي ڪيون وينديون. انهيءَ وقت اهي عورتون تو تي ٺٺوليون ڪري چونديون وينديون تہ ’تنهنجي خيرخواهن کان تو کي دوکو مليو، هو تو تي غلبو حاصل ڪري وٺندا هئا. سو هاڻي جڏهن تنهنجا پير گپ ۾ گپجي ويا آهن، تڏهن اهي تو کي ڇڏي ڀڄي ويا آهن.‘


تڏهن اتي لشڪر جا سڀ سالار ۽ يوحنان ولد قريح، عزرياہ ولد هوسعياہ ۽ ٻيا سڀ ننڍا توڙي وڏا ماڻهو


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


يروشلم کي اها سزا نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن جي بدڪارين جي ڪري ملي، جن بي‌گناهہ ماڻهن جو رت وهرايو هو.


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


هائو، اوهين جيئن تہ غريبن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ظلم ڪري کانئن اناج ٿا ڦريو، سو اوهين توڙي جو مضبوط ۽ پُر آسائش گھر جوڙيندا، تنهن هوندي بہ انهن ۾ رهڻ نصيب نہ ٿيندءَ. اوهين انگورن جا خوبصورت باغ تہ پوکيندا، پر انهن جي مئي پيئڻ اوهان کي نصيب نہ ٿيندي.


جڏهن اهو وقت ايندو، تڏهن ماڻهو اوهان جي آيل آفت تي ٺٺوليون ڪندي اوهان جي پاران هي دردناڪ مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’افسوس! اسين امير برباد ٿي وياسين، اسين بلڪل لٽجي وياسين. خداوند اسان جو ملڪ اسان کان کسي ورتو آهي. هائو، هن اسان جون ٻنيون اسان تي قبضو ڪندڙن کي ورهائي ڏنيون آهن.‘“


اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“


نبي سڏائيندڙن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪرڻ وارؤ! جيڪي اوهان کي کارائين پيئارين ٿا، تن سان منهنجي طرفان امن وَ سلامتيءَ جو واعدو ٿا ڪريو. پر جيڪي اوهان جو وات نہ ٿا ڀرين، تن کي اوهين منهنجو نالو وٺي آفتن اچڻ جا دڙڪا ٿا ڏيو.


ڏسو، آءٌ بابلين کي کڙو ڪرڻ وارو آهيان، جيڪا هڪ چيڙاڪ ۽ بدمزاج قوم آهي، جيڪا سڄي دنيا کي ٻهاريندي ٿي وتي ۽ پراين وسندين تي قبضا ڪندي ٿي وتي.


پر انهن جي دولت لٽجي ويندي، ۽ سندن گھر ويران ڪيا ويندا. هائو، هو گھر تہ ٺهرائين ٿا پر انهن منجھہ رهندا ڪونہ. اهي انگورن جا باغ تہ لڳائين ٿا، پر انهن جو رس پيئندا ڪونہ.“


انهن جو وات بند ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻهو لالچ جي خاطر اهڙيون ڳالهيون سيکاري گھرن جا گھر بگاڙي ٿا ڇڏين، جيڪي کين نہ سيکارڻ گھرجن.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ نگهبان کي جيئن تہ ڪليسيا ۾ خدا جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan