Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ وقت يهوداہ جي بادشاهن ۽ سندن عملدارن جا هڏا، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن جا هڏا ۽ يروشلم جي رهاڪن جا هڏا سندن قبرن مان ڪڍيا ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 خداوند ٿو فرمائي تہ انهيءَ وقت هو يهوداہ جي بادشاهن جا هڏا، ۽ سندس اميرن ۽ ڪاهنن جا هڏا، ۽ نبين ۽ يروشلم جي رهاڪن جا هڏا، سندن قبرن مان ڪڍندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:1
12 Iomraidhean Croise  

اُهو ماڻهو خدا جي حڪم سان قربان‌گاهہ خلاف وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”قربان‌گاهہ! اي قربان‌گاهہ! خداوند فرمائي ٿو تہ ’ڏس، دائود جي گھراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو. اُهو غير معبودن وارن پوڄا گھرن جي انهن مذهبي اڳواڻن کي تو تي قرباني ڪندو جيڪي اڄ تو تي قربانيون پيش ڪن ٿا. هائو، انساني هڏا تو تي ساڙيا ويندا.‘“


پوءِ يوسياہ چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺو تہ هن کي اتي قبرون ڏسڻ ۾ آيون جيڪي انهيءَ ٽڪر تي هيون. هن ماڻهو موڪلي انهن قبرن مان هڏا ڪڍائي ورتا ۽ انهن کي قربان‌گاهہ تي ساڙائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ قربان‌گاهہ جي بي‌حرمتي ڪئي. سو خدا جو جيڪو فرمان خدا جي بندي اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو هو، سو پورو ٿيو.


انهن پوڄا گھرن جا جيڪي مذهبي اڳواڻ هئا، تن سڀني کي هن قربان‌گاهن تي قتل ڪرائي مٿن مري ويلن جا هڏا ساڙايا. تنهن کان پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو.


ايزبل جو لاش يزرعيل جي زمين تي گند ڪچري وانگر پيو هوندو ايتري قدر جو ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھندو تہ هيءَ ايزبل آهي.‘“


جتي اڳ ۾ هو بي‌خوف رهندا هئا، اتي کين سخت دهشت وٺي ويندي. شڪست هنن کي خوار خراب ڪندي، ڇوجو خدا کين رد ڪيو آهي. هائو، سندس قوم جو گھيرو ڪندڙن جي هڏين کي خدا دز ڪري ڇڏيندو.


جن ماڻهن کي هو اهو پيغام ٻڌائين ٿا، تن جا لاش ڏڪار ۽ جنگ جي سببان يروشلم جي گھٽين ۾ اڇلايا ويندا. ڪوبہ کين دفنائڻ وارو نہ هوندو، نہ انهن کي، نہ انهن جي زالن کي ۽ نہ وري انهن جي پٽن يا ڌيئرن کي. آءٌ مٿن اها مصيبت آڻيندس جنهن جا هو حقدار آهن.“


هڪڙي دفعي مون حزقي‌ايل تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي. هن جي روح مون کي کڻي هڪڙي اهڙي ماٿريءَ ۾ آڻي لاٿو، جيڪا انساني هڏين سان ڀري پيئي هئي.


اوهان جون قربان‌گاهون ڊاهيون وينديون ۽ اوهان جون لوبان ساڙڻ واريون قربان‌گاهون پڻ ڀورا ڀورا ڪيون وينديون. آءٌ بتن جي پوڄا ڪرڻ وارن سڀني کي سندن بتن جي اڳيان ماري اڇلائي ڇڏيندس.


هائو، آءٌ اوهان جي رهاڪن جا لاش سندن بتن اڳيان اڇلائي ڇڏيندس ۽ انهن جا هڏا سندن قربان‌گاهن جي چوڌاري پکيڙي ڇڏيندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”موآب ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ادوم جي بادشاهہ جا بہ هڏا ساڙي چونو بڻائي ڇڏيا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan