Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 7:34 - Muslim Sindhi Bible

34 اهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي گھٽين مان بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ويران ٿي ويو هوندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

34 تڏهن آءٌ يهوداہ جي شهرن مان ۽ يروشلم جي گهٽين مان خوشيءَ جو آواز، ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز، ۽ ڪنوار جو آواز، بند ڪرائي ڇڏيندس: ڇالاءِ جو زمين ويران ٿي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 7:34
23 Iomraidhean Croise  

شال انهيءَ رات ۾ ڪو ئي بہ ٻار نہ ڄمي، هائو، شال انهيءَ رات ۾ ڪو خوشيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ نہ اچي.


هائو، قوم جي جوانن کي جنگ جي باهہ کائي ويئي، تنهنڪري منجھن جيڪي ڪنواريون هيون، تن جا سهرا نہ ڳايا ويا.


اوهان جا شهر ساڙيا ويا آهن، بلڪ اوهان جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو آهي. اوهان جي هوندي ڌارين ماڻهن اوهان جي ملڪ کي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. بلڪ اوهان جي ملڪ کي انهن اجاڙي ويران ڪري ڇڏيو آهي.


شهر جا دروازا پنهنجي ويرانيءَ تي ڄڻ تہ روئندا رڙندا. هائو، يروشلم اهڙيءَ عورت وانگر ٿيندو، جيڪا اجڙي وڃي خاڪ ۾ ويٺي هجي.


تڏهن مون چيو تہ ”اي پروردگار! هي ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“ هن ورندي ڏني تہ ”جيستائين شهر اجڙي وڃن، ۽ گھر ويران ٿي وڃن، ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿي وڃي.


تون يهوداہ وارن کي خبردار ڪري ڇڏ تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا هن ملڪ مان شادين مرادين بلڪ خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي هر طرح جي محفلن جو خاتمو آڻي ڇڏيندس. اهو سڀ هي ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسندا.


خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي محل جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ اهو محل جِلعاد جي ٻيلن جيان عاليشان، ۽ لبنان جي جبلن وانگر مضبوط آهي، تہ بہ آءٌ يقيناً انهيءَ کي اهڙو بڻائي ڇڏيندس، جهڙو بيابان يا ڪو اجڙيل شهر.


آءٌ هنن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، بلڪ اٽي جي چڪيءَ جو آواز ۽ ڏيئي جو سوجھرو بہ ڪڍي ڇڏيندس.


اوهين انهن ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، بلڪ بابل جي بادشاهہ جي تابعداري ڪريو تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڀلا ڇو هي شهر مٽيءَ جو ڍير ٿي وڃي؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ انسان يا جانور ڪونهي.‘ جيتوڻيڪ يروشلم جون گھٽيون ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر ويران آهن ۽ منجھن نہ ڪو ماڻهو آهي ۽ نہ وري ڪو جانور، تنهن هوندي بہ انهن مان هڪ دفعو وري خوشي ۽ سرهائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. هائو، اتي گھوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪي منهنجي هيڪل ڏانهن شڪرگذاريءَ جا نذرانا هي ڳائيندي آڻيندا آهن تہ ’قادرِمطلق خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي. سندس شفقت لافاني آهي.‘ آءٌ هن ملڪ جي خوشحالي اڳي وانگر بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


مون وري نهاريو، ڇا ڏسان تہ سرسبز ٻنيون بيابان لڳيون پيون آهن، ۽ ان ملڪ جا سمورا شهر خداوند جي سخت غضب ڪري ڊهي ڍير ٿيا پيا آهن.


انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڄي دنيا ويران ٿي ويندي، جيتوڻيڪ اڃا مون ان کي صفا تباهيءَ تي نہ پهچايو آهي.


انهيءَ ڪري يروشلم جي گھٽين توڙي يهوداہ جي ٻين شهرن تي منهنجو قهر ۽ غضب نازل ٿيو، سو مون انهن کي ويران دڙا بڻائي ڇڏيو، جيئن اهي اڄ آهن.


اسان جي اڳواڻن کي شهر جي دروازي وٽ ويهي فيصلا ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، ۽ اسان جي نوجوانن مان ڳائڻ وڄائڻ ختم ٿي ويو آهي.


آءٌ تو ۾ ڳائڻ جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجي تار وارن سازن جو آواز اڳتي وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


ظلم جي وڌڻ سان هر قسم جي بدڪاري وڌي ويئي آهي. سو اوهان مان ڪوبہ انهيءَ جي سزا مان بچي نہ نڪرندو. نہ اوهان جا ڪٽنب قبيلا رهندا، نہ مال وَ دولت، نہ ئي وري اوهان جو شان وَ شوڪت رهندو.


آءٌ هن جون سموريون خوشيون ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، نئين چنڊ، سبت ۽ سندس عيدن جا ڏينهن، مطلب تہ سندس سڀ پاڪ گڏجاڻين جا ڏينهن آءٌ کيس ملهائڻ نہ ڏيندس.


آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ڏيندس، جڏهن هوءَ مون کي وساري بعل ديوتائن جي پوڄا ڪندي هئي، ۽ انهن جي آڏو لوبان ساڙيندي هئي. هائو، آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ضرور ڏيندس، جڏهن هوءَ زيور پائي سينگار ڪري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


پر انهن قومن جا ملڪ جتان اهي موٽي ايندا، سي بڇڙن عملن جي ڪري ويران ٿي ويندا.


ڏيئي جو سوجھرو بہ وري تو ۾ ڪڏهن ڪونہ ٿيندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن شاديءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ ڪري جو تنهنجا سوداگر ڌرتيءَ جا مالڪ بڻجي ويٺا آهن ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ڀٽڪي ويون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan