Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 7:33 - Muslim Sindhi Bible

33 پوءِ هن قوم جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻجي پوندا ۽ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هوندو جيڪو انهن پکين ۽ جھنگلي جانورن کي اتان هڪالي ڪڍي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

33 ۽ انهي قوم جا مڙهہ، هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ٿيندا؛ ۽ ڪوبہ انهن کي هڪالي نہ ڪڍندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 7:33
19 Iomraidhean Croise  

پوءِ اهي سڀ شڪاري پکين، ۽ جھنگلي جانورن لاءِ ڇڏيا ويندا. هائو، اونهاري ۾ شڪاري پکي انهن تي گذران ڪندا، ۽ سياري ۾ جھنگلي جانور.“


هاڻ منهنجي چونڊيل قوم جو ملڪ ڄڻ تہ گدڙن جي جُوءِ بڻجي ويو آهي، جنهن جي چوڌاري مردار خور پکي لامارا ڏيندا ٿا وتن. سو وڃ، وڃي جھنگ جي سڀني جانورن کي سڏي اچ، تہ اهي اچي هنن گدڙن جو شڪار کائي چٽ ڪري ڇڏين.


جن ماڻهن کي هو اهو پيغام ٻڌائين ٿا، تن جا لاش ڏڪار ۽ جنگ جي سببان يروشلم جي گھٽين ۾ اڇلايا ويندا. ڪوبہ کين دفنائڻ وارو نہ هوندو، نہ انهن کي، نہ انهن جي زالن کي ۽ نہ وري انهن جي پٽن يا ڌيئرن کي. آءٌ مٿن اها مصيبت آڻيندس جنهن جا هو حقدار آهن.“


آءٌ خداوند کين چئن مختلف قسمن جون سزائون ڏيندس. هو جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن لاشن کي ڪتا چيريندا ڦاڙيندا، سندن ماس ڳجھون پيون کائينديون ۽ سندن هڏا جھنگلي جانور چٻاڙي ناس ڪري ڇڏيندا.


اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا.


آءٌ هن هنڌ اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن جا منصوبا ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي اوهان جي جاني دشمنن جي هٿان تلوار سان مارائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن کي کاڌي طور ڏيئي ڇڏيندس.


بلڪ هن کي اهڙيءَ طرح دفن ڪيو ويندو، جيئن مئل گڏهہ کي يروشلم جي دروازن مان گهِلي ٻاهر کڏ ۾ اڇلايو وڃي ٿو.“


انهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين خداوند جا ڪٺل پکڙيا پيا هوندا. انهن تي ماتم ڪرڻ وارو يا کين گڏ ڪري دفنائڻ وارو ڪوبہ نہ هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا.


آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪندس جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. انهن جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ ٿيندا.


ڇاڪاڻ تہ موت اسان جي درين منجھان ٽپي اسان جي قلعن اندر گھڙي آيو آهي، ان ننڍڙن ٻارن کي گھٽين ۾ ۽ نوجوانن کي چونڪن تي وڍي اڇلائي ڇڏيو آهي.


خداوند مون کي هي اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ’ماڻهن جا لاش کُليل ميدان ۾ گند ڪچري وانگر پکڙيا پيا هوندا، جيئن ڪنهن لاباري ڪندڙ جي پويان اناج جا تِيلا ڪريا پيا هوندا آهن، جن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو نہ هوندو آهي.‘“


آءٌ تو کي ۽ تنهنجي دريائن جي سڀني مڇين کي ماري بيابان ۾ اڇلائي ڇڏيندس. تون کُليل ميدان ۾ پيو هوندين ۽ تو کي دفن نہ ڪيو ويندو. آءٌ تو کي جھنگلي حيوانن ۽ پکين جو کاڄ بڻائيندس.


تون پنهنجي سڄي لشڪر ۽ اتحادي قومن سميت بني اسرائيل جي جابلو علائقن ۾ ماريو ويندين. اوهان جا لاش کلئي ميدان ۾ پيل هوندا جتي پکي ۽ جھنگلي جانور اوهان جو ماس کائي ويندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگ جي جانورن جو کاڄ ٿيندا ۽ ڪوبہ انهن کي هڪلڻ وارو ڪونہ هوندو.


جن قومن کي خداوند اوهان جي سامهون نابود ٿو ڪري، تن وانگر ئي اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ نہ مڃڻ ڪري نابود ٿي ويندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan