يرمياہ 7:25 - Muslim Sindhi Bible25 جنهن ڏينهن اوهان جا ابا ڏاڏا مصر ملڪ مان نڪري آيا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، هميشہ بروقت مون پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن موڪليا آهن. Faic an caibideilSindhi Bible25 جنهن ڏينهن کان اوهان جا ابا ڏاڏا مصر جي زمين مان نڪري آيا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، مون پنهنجا سڀ ٻانها ۽ نبي، ڏهاڙي سويل صبح جو اُٿي اوهان ڏي پئي موڪليا آهن: Faic an caibideil |
مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.