Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 7:22 - Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ سبب جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو هو، تنهن ڏينهن ساڙڻ وارين قربانين يا جانورن جي قربانين بابت مون انهن کي ڪوبہ حڪم ڪونہ ڏنو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو تنهن ڏينهن سوختني قربانين يا ذبح ڪرڻ وارين قربانين بابت مون انهن سان نہ ڳالهايو، ۽ نہ انهن کي ڪو حڪم ڏنو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 7:22
9 Iomraidhean Croise  

تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.


اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي اهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب آهن. حقيقت ۾ بني اسرائيل قوم پنهنجي هٿن جي ڪيل ڪمن سان مون کي رڳو پئي ڪاوڙايو آهي،


آءٌ رسمي قربانيون نہ ٿو چاهيان، بلڪ اوهين مون سان دلي طرح وفادار هجو. هائو، مون کي رسمي ساڙڻ واريون قربانيون پسند نہ آهن، بلڪ مون کي سچيءَ دل سان سڃاڻو.


سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پاڪ ڪلام جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“


سو ضروري آهي تہ انسان انهيءَ کي ئي پوريءَ دل، پوريءَ سمجھہ ۽ پوريءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جهڙو پيار ڪري. اهو جانورن جي قرباني ڪرڻ يا قربان‌گاهہ تي خدا جي خدمت ۾ ٻيون شيون نذر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آهي.“


وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي هجيس، يا سج، چنڊ يا سمورين آسماني شين مان ڪنهن کي بہ سجدو ڪيو هجيس، جنهن کان هن اوهان کي روڪيو آهي.


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan