يرمياہ 7:12 - Muslim Sindhi Bible12 هاڻ اوهين ان هنڌ ڏانهن وڃو جيڪو سيلا ۾ آهي، جتي مون پنهنجي نالي سان پهرين رهائش اختيار ڪئي هئي. اوهين وڃي ڏسو تہ اُتي پنهنجي قوم بني اسرائيل سان مون سندن بڇڙائيءَ جي ڪري ڇا ڇا ڪيو. Faic an caibideilSindhi Bible12 پر جيڪو منهنجو مڪان سيلا ۾ هو، جتي پهرين مون پنهنجو نالو مقرر ڪيو، اُتي هاڻي اوهين وڃو ۽ ڏسو تہ مون پنهنجي قوم اسرائيل جي شرارت ڪري ان سان ڇا ڪيو آهي. Faic an caibideil |
پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.