Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:9 - Muslim Sindhi Bible

9 قادرِمطلق خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ جي باقي بچيلن کي انگورن جي داڻن وانگر چونڊي پٽيو ويندو. سو تون پنهنجو هٿ وڌائي جيترن کي بچائي سگھين بچاءِ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو اسرائيل جي باقي بچيلن کي ڊاک وانگي چڱيءَ طرح چونڊي گڏ ڪندا: تون ڊاک چونڊيندڙ وانگي پنهنجو هٿ وري ڦيرائي ٽوڪرين ۾ وجهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:9
7 Iomraidhean Croise  

هنن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سزا واري مقرر ڪيل وقت تي عنتوت وارن مٿان آفت نازل ڪندس.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي.


جڏهن ڪنهن باغ ۾ انگور چونڊيندڙ ايندا آهن، تڏهن هو ڪي ٿورا داڻا ول ۾ ڇڏي ويندا آهن. جڏهن رات جو چور ايندا آهن، تڏهن اهي رڳو پنهنجيون وڻندڙ شيون ئي چورائي کڻي ويندا آهن.


انهيءَ خراب قوم مان جيڪي باقي بچندا ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هوندو، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا. آءٌ قادرِمطلق خداوند ائين ٿو چوان.“


پوءِ هڪڙو ٽيون ملائڪ بہ آيو جيڪو قربان‌گاهہ مان نڪتو، جنهن کي باهہ تي اختيار هو. هن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنهنجو تکو ڏاٽو هلاءِ ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪر، ڇاڪاڻ تہ انگور پچي بلڪل راس ٿي ويا آهن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan