Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اي يروشلم! ڪجھہ سمجھہ کان ڪم وٺ، نہ تہ آءٌ تو کان منهن موڙي ڇڏيندس ۽ تو کي اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 اي يروشلم، تون ڪي سمجهہ، متان منهنجو روح تو کان ڇڄي ڌار ٿئي؛ متان آءٌ توکي ويران ڪري ڇڏيان، ۽ اهڙي زمين ڪريان جنهن ۾ ڪوبہ ڪونہ رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:8
23 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري اي بادشاهؤ! هاڻي اوهين ڏاها ٿيو. هائو، اي ڌرتيءَ جا حڪمرانؤ! هاڻي اوهين هدايت وٺو.


جڏهن تہ اوهان کي منهنجي تربيت کان نفرت آهي، ۽ اوهين منهنجا حڪم پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.


اي خداوند! اهي سڀاڳا آهن جن کي تون سيکت ڏين ٿو، بيشڪ اهي ئي سڀاڳا آهن جن کي تون شريعت سيکارين ٿو.


صلاح مصلحت ۽ نصيحت تي ڌيان ڏيڻ سان، ماڻهو ڏاهو بڻجي وڃي ٿو.


منهنجي ڏنل سکيا تي سدائين ثابت قدم رهو ۽ انهيءَ کان هيڏي هوڏي نہ ڦرو. انهيءَ کي محفوظ رکو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي زندگيءَ جو بنياد آهي.


پر هنن نڪي ٻڌو ۽ نہ وري ڌيان ئي ڏنائون، بلڪ هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجو سڌارو قبول نہ ڪيائون.


غير قوم وارا جوان شينهن جيان مٿس رڙيا ۽ گجيا، ۽ سندس ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيائون. سندس شهر ساڙيا ويا، ايتري قدر جو انهن ۾ ڪو رهڻ وارو نہ بچيو.


گمراهيءَ کان پوءِ اسان توبهہ ڪئي. سمجھي وٺڻ کان پوءِ اسان پنهنجي گوڏن تي هٿ هنيا. اسين شرمندا ٿياسين ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم شروع کان ئي ذلت کنئي هئي.‘


هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.


اي يروشلم وارؤ! پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو، تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“


تنهنڪري تون کين چئُہ تہ ’اوهين اهڙي قوم آهيو جنهن خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي ۽ نہ وري سڌرڻ قبوليو اٿوَ. وفاداري اوهان مان ايتري قدر تہ ختم ٿي ويئي آهي جو اوهان جي وات مان انهيءَ بابت ڪا ڳالهہ ئي نہ ٿي نڪري.‘“


اهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي گھٽين مان بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ويران ٿي ويو هوندو.


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


اهڙيءَ طرح هن جي زناڪاري ۽ اوگھڙ سڀني جي اڳيان ظاهر ٿي پيئي. تڏهن آءٌ کانئس بيزار ٿي ويس جيئن سندس ڀيڻ کان بيزار ٿي ويو هئس.


سندن زناڪار ماءُ جنهن مان اهي ٻار پيدا ٿيا، تنهن هڪ تہ زناڪاري ڪري بي‌حيائيءَ جو ڪم ڪيو، ٻيو وري چوي ٿي تہ ’آءٌ پنهنجي انهن زناڪار يارن جي پٺيان لڳي وينديس، جيڪي مون کي کاڌو توڙي پاڻي، بلڪ اُن، سڻي، زيتون جو تيل ۽ مئي پڻ ڏين ٿا.‘


توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا، تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس، تان‌تہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو، جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“


پوءِ جيستائين ملڪ ويران هوندو ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ جلاوطن ٿي رهندا، تيستائين اوهان جي زمين آرام وٺي سبت ملهائيندي.


پوءِ مون سوچيو تہ يقيناً يروشلم وارا اهو ڏسي منهنجو خوف رکندا ۽ پنهنجو سڌارو قبول ڪندا. تڏهن منهنجيون سزائون هنن تي اچي نہ پونديون، نڪي سندن آبادي ختم ڪئي ويندي. تنهن هوندي بہ هنن کي اڃا شوق آهي تہ هو بڇڙا ڪم ڪندا رهن، جيئن اڳي ڪيا اٿائون.“


ڪاش! تون داناءِ هجين ها تہ اهو سمجھي وڃين ها، ۽ پوءِ پنهنجي انجام تي ڪو غور ڪرين ها.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan