Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:30 - Muslim Sindhi Bible

30 ماڻهو هنن کي کوٽو سڪو ڪري سڏيندا، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کين رد ڪري ڇڏيو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

30 ماڻهو هنن کي روپي جو مٺ سڏيندا، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:30
16 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري خداوند بني اسرائيل جي سڄي نسل کي ڌڪاري ڇڏيو، انهن تي تڪليفون آندائين ۽ انهن کي ڦرلُٽ ڪندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، ايستائين جو هنن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين.


تون ڌرتيءَ جي سڀني بدڪارن کي ڪَسُ جيان ڪڍي ڦٽو ڪرين ٿو. اهو ڏسي آءٌ تنهنجي شريعت کي پيار ڪريان ٿو.


جتي اڳ ۾ هو بي‌خوف رهندا هئا، اتي کين سخت دهشت وٺي ويندي. شڪست هنن کي خوار خراب ڪندي، ڇوجو خدا کين رد ڪيو آهي. هائو، سندس قوم جو گھيرو ڪندڙن جي هڏين کي خدا دز ڪري ڇڏيندو.


چانديءَ مان ڪَسُ ڪڍي صاف ڪرڻ سان ئي سونارو انهيءَ مان ڪا خوبصورت شيءِ ٺاهي ٿو سگھي.


افسوس! اي يروشلم! ڪڏهن تہ تنهنجا رهاڪو چانديءَ جهڙا هئا، پر هاڻي اهي ڪين جهڙا ٿي پيا آهن. افسوس! ڪڏهن تہ اهي سٺي مئي جهڙا هئا، پر هاڻي اهي لذت وڃائي رڳو پاڻيءَ جهڙا ٿي پيا آهن.


آءٌ اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اوهان کي ائين صاف ڪندس، جيئن چانديءَ تان ڪَسُ صاف ڪبي آهي. هائو، آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي اوهان جي ناپاڪي دور ڪري ڇڏيندس.


يهوداہ وارا پڪاري چون ٿا تہ ”اي خداوند! ڇا تو يهوداہ کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا تون صيئون کان نفرت ٿو ڪرين؟ ڇو تو اسان کي اهڙو زخم رسايو آهي جيڪو ڇٽي ئي نہ ٿو سگھي؟ اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي.


پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! جيڪڏهن منهنجي قوم مان ڪو نبي سڏائيندڙ، ڪو ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو تو کان پڇي تہ ’اسان تي خدائي پيغام جو ڪهڙو بار رکيو ويو آهي؟‘ تڏهن تون کين چئج تہ ’اوهين تہ پاڻ خدا تي بار آهيو، جنهن کي هو لاهي ڦٽو ڪندو.‘


خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ آءٌ هيڪل يعني سندس گھر جي دروازي وٽ بيهي يهوداہ جي رهاڪن، جيڪي سندس عبادت ڪرڻ لاءِ هنن دروازن کان اندر لنگھي ايندا آهن، تن سڀني کي سندس هي فرمان ٻڌايان تہ


اي يروشلم وارؤ! سوڳ وچان پنهنجا وار ڪوڙي اڇلايو، ٽڪرين تي آہ وَ زاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي موجودہ پيڙهي خداوند جي ڪاوڙ هيٺ آهي، جنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي.


ڀلا ڇا تون اسان کان ايتري قدر ناراض ٿي اسان کي هميشہ جي لاءِ ٺڪرائي ڇڏيندين؟


منهنجو خدا اسرائيل وارن کي ڌڪاريندو، ڇاڪاڻ تہ هنن انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو. اهي نافرماني ڪرڻ ڪري غير قومن ۾ دربدر ٿيندا.


هڪڙي ئي مهيني ۾ مون ٽن ريڍارن کي ڀڄائي ڪڍيو، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کان نفرت ٿي ڪئي، آءٌ بہ انهن مان بيزار ٿي پيس.


”اوهين انسانذات لاءِ لوڻ مثل آهيو. پر جيڪڏهن لوڻ پنهنجي لوڻياٺ ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري لوڻياٺو بڻائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آهي. اهو بيڪار ٿي پوندو، تنهنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙيو ويندو.


تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا خدا پنهنجيءَ قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابراهيم جي نسل ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan